انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 294 رپيا،اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ مثبت رجحان

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)آمريڪي ڊالر جي قيمت ۾ مسلسل گهٽتائي جو سلسلو جاري آهي، انٽر بئنڪ ۾ ڊالر اڄ به سستو ٿي ويو آهي.انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 90 پئسا سستو ٿيڻ کانپوءِ 294 رپيا 94 پئسا ٿي ويو.ڪالهه ڪاروبار بند ٿيڻ تي انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 294 رپيا 90 پئسا تي هو. پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ به ڪاروبار جو مثبت رجحان ڏٺو پيو وڃي.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس 56 پوائنٽن جي واڌ سان 45 هزار 967 تي پهچي ويو. ڪالهه 100 انڊيڪس 45910 پوائنٽس تي بند ٿيو.

پهنجو تبصرو موڪليو