دادو(رپورٽ:سرور جلال سولنگي) سنڌ هاڪي ايسوسيئيشن پاران سنڌ انڊر 25 انٽر ڊسٽرڪٽ ھاڪي چيمپيئن 2020 دادو ۾ ٽئين ڏينهن به هاڪي جي راند جاري رهي،استاد بخاري گورنمينٽ ڊگري ڪاليج انٽرنيشنل ھاڪي گرائونڊ دادو تي ٽنهي مرحلن ۾ 4 ضلعن جون ٽيمون کيڏيون. پھرئين ڏينهن نوشھرو ۽ دادو جو مقابلو ڪرايو ويو جنهن ۾ دادو 4 گول تان ڪاميابي ماڻي ٻئين ڏينهن شھيد بينظيرآباد ۽ لاڙڪاڻو وچ ۾ هاڪي جو مقابلو ٿيو جنھن ۾ 3 گول تان لاڙڪاڻو ڪاميابي ماڻي جڏھن ته اڄ ٽئين ڏينھن ٻئي کٽيل ٽيمون لاڙڪاڻو ۽ دادو جي وچ ۾ مقابلو ٿي گذريو جنهن ۾ 3 گول تان لاڙڪاڻو ڪاميابي حاصل ڪري ورتي ان موقعي تي فائنل مئچ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڊگري ڪاليج جي پرنسپال غلام سرور عباسي ۽ پروفيسر عرفان ڪلھوڙو چيو ته استاد بخاري گورنمينٽ ڊگري ڪاليج دادو صحت مند پاڪستان جي عنوان ھيٺ پاڪستان جي قومي راند ھاڪي جي پذيرائي لاءِ سنڌ سطح تي مختلف ضلعن جي وچم ۾ ھاڪي جي رٿيل ٽورنامينٽ ۾ ميزباني جا فرض ادا ڪيا، ھن ٽورنامينٽ جي ميزباني ڪرڻ جو مقصد دادو ضلعي اندر قومي راند کي فروغ ڏيڻ نوان رانديگر پيدا ڪرڻ ۽ ست مھينن جي ڊگھي لاڪ ڊائون کان پوءِ شاگردن کي ميدان ۾ لاھڻ انھن کي چست ڪرڻ ۽ دادو جي عوام لاءِ تفريح مھيا ڪرڻ ھئي، هاڪي ايسو سيئيشن جي اڳواڻن محمد رمضان جمالي، عبدالرسول جانوري، حسن رشيد آرائين، زاهد گاڏهي ،زوهيب جانوري،۽ ٻين چيو ته ھاڪي جي راند سان فيصلي ڪرڻ جي قوت ۽ بروقت ڪاروائي ڪرڻ سان نوجوانن ۾ اعتماد پيدا ٿئي ٿو، اسان کي اميد آ ته سنڌ حڪومت ھاڪي کيڏندڙ رانديگرن جي پذيرائي ڪندي ۽ انهن کي وڌيڪ راندين جا موقعا فراهم ڪندي، آخر ۾ فائنل کٽيندڙ ۽ ھارائندڙ ٽيمن کي ٽرافيز ۽ رانديگرن کي انعام ڏنا ويا، جڏهن ته گرائونڊ جي بھتر خدمت ڪرڻ ۽ رانديگرن کي بھتر سهولتون ڏيڻ تي عبدالحميد سولنگي ۽ منظور چانڊيو کي اعزازي ميڊل پڻ ڏنوويو.
وزيراعظم پي ٽي آءِ سان ڳالهين لاءِ ڪميٽي ٺاهي ڇڏي
مهانگي ۽ سولر استعمال سبب بجلي جي طلب ۾ گهٽتائي
مروت پارن پارٽي کي سول نافرماني واري تحريڪ ملتوي ڪرڻ جي تجويز
پي ٽي آءِ پاران حڪومتي ڳالهين واري ڪميٽي جي قيام جي آجيان
سياسي عدم استحڪام ختم ٿيڻ گهرجي: اياز صادق
حڪومت سنجيده ناهي، سڀاڻي کان سول نافرماني جي تحريڪ شروع ٿيندي
صدر پاران چيڪ پوسٽ تي حملي ۾ شهيد ٿيندڙ جوانن کي خراج عقيدت
ڪميٽي عمران جي آزادي ڳالهين جي ايجنڊا تي ناهي: عقيل ملڪ
علي امين خلاف پنجاب ۾ 56 ڪيس داخل،تفصيل پڌري
ڊفينس مان بزرگ شهرين بازياب، مقابلي ۾ 2 اغواڪار مارجي ويا
رحيم يار خان پوليس جي ڪارروائي، 2 مغوي بازياب
يونان ۾ ٻيڙي حادثي جو مک جوابدار گرفتار
پسند جي شادي جو مطالبو ڪندڙ قيد ڇوڪري بازياب، جوابدار گرفتار
9 مئي جي سزائن سان اميد جاڳي آهي، گورنر سنڌ
ڏکڻ آفريڪا ۾ 5.3 شدت جو زلزلو، پاڪستاني ٽيم جوهانسبرگ ۾ موجود
فراڊ ڪيس ۾ اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر جا گرفتاري وارنٽ جاري
جسٽن بيلڊوني تي جنسي هراسان ڪرڻ جو ڪيس داخل
سنڌيار ڪراچي 22 ڊسمبر 2024ع
سنڌيار سکر 22 ڊسمبر 2024ع
پاڪستان مان پوليو وائرس جو خاتمو هڪ خواب بڻيل