ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ آءِ سي سي انڊر 19 ڪرڪيٽ ورلڊڪپ لاءِ اعلان ڪيل پاڪستاني اسڪواڊ کان فاسٽ بالر نسيم شاهه جو نالو واپس وٺي ڇڏيو آهي. ياد رهي ته محمد نسيم کي انڊر 19 ورلڊ ڪپ جو حصو بڻائڻ تي پاڪستان جونيئر ۽ سينئر سليڪشن ڪميٽي وچ ۾ ڪجهه هفتن کان بحث جاري هيو. جونيئر سليڪشن ڪميٽي عالمي ڪپ ۾ اسڪواڊ کي مضبوط بڻائڻ لاءِ نسيم شاهه شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو پر سينئر سليڪشن ڪميٽي ورڪ لوڊ مينيجمينٽ سبب نسيم شاهه کي احتياط سان استعمال ڪرڻ جي خواهشمند هئي. جنهن کان پوءِ آخرڪار ٻنهي سليڪشن ڪميٽين وچ ۾ نسيم شاهه کي انڊر 19 ورلڊڪپ ۾ نه موڪلڻ تي اتفاق ٿي ويو. سليم جعفر جي سربراهي ۾ ڪم ڪندڙ قومي جونيئر سليڪشن ڪميٽي نسيم شاهه جي متبادل طور خيبرپختون خواهه سان تعلق رکندڙ محمد وسيم جونيئر کي اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي. ان کان اڳ محمد وسيم جونيئر انڊر 19 ايشيا ڪپ ۽ ڏکڻ آفريقا جي دوري ۾ پاڪستان انڊر 19 ڪرڪيٽ ٽيم جي نمائندگي به ڪري چڪو آهي جتي فاسٽ بالر ٻنهي ايونٽن ۾ 3، 3 وڪيٽون حاصل ڪيون جڏهن ته سريلنڪا جي دوري ۾ محمد وسيم جونيئر 7 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو هو. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيف ايگزيڪٽو وسيم خان جو چوڻ هو ته آءِ سي سي انڊر 19 ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ نوجوان رانديگرن لاءِ اعليٰ ڪارڪردگي جو مظاهرو ڏيکارڻ ۽ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ۾ جڳهه ٺاهڻ جو هڪ شاندار موقعو آهي جنهن جي بهترين مثال نسيم شاهه آهي. چيف ايگزيڪٽو پي سي بي جو چوڻ هو ته نسيم شاهه هاڻي قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو حصو آهي ۽ بالنگ ڪوچ وقار يونس جي نگراني ۾ پنهنجي بالنگ ۾ وڌيڪ بهتري لاءِ ڪم جاري رکندو.
پوليو ٽيم تي حملي ۾ ملوث 6 جوابدارن جي ضمانت منظور
جي ايڇ ڪيو حملي ڪيس جا 2 جوابدار اڊيالا جيل منتقل
پي ٽي آءِ قيدين کي ڏنل سزائون انصاف جي اصولن جي خلاف آهن
مدرسن رجسٽريشن بابت اتحاد تنظيم مدرسن جا مطالبا منظور
آفيسر کي ترقي نه ڏيڻ جو فيصلو ڪالعدم،غور جي هدايت
راجگال ۾ فتنا خوارج جي دراندازي ناڪام، 4 خارجي مارجي ويا
انسانيت جي دشمنن جي ناپاڪ ارادن کي خاڪ ۾ ملائينداسين
بلوچستان، گذريل 24 ڪلاڪن دوران 48 ٽريفڪ حادثا
باصلاحيت نوجوانن کي 50 هزار نوڪريون به نه پيون ملن
47 سيڪڙو ٽيڪس عوام جي مفادن تي خرچ ٿيندو نظر نٿو اچي، سروي
پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا وچ ۾ ٽيون ۽ آخري ون ڊي ميچ سڀاڻي ٿيندو
ڀارت مان اسلام آباد پهچندڙ فرانسيسي شهري وٽان منشيات هٿ
ڪاميڊي نائٽس ود ڪپل ۾ ڪم ڪرڻ زندگي جي وڏي غلطي هئي
9 مئي سانحي ۾ ملوث 25 ڏوهارين کي 10 سال قيد بامشقت سزا
بشرا بي بي جي 32 ڪيسن ۾ عبوري ضمانت منظور
ڪرم ۾ بنڪر ڪيرائڻ ۽ هٿيار جمع بعد رستا کوليا ويندا: سيف
جڊيشل ڪميشن جي اجلاس کان اڳ جسٽس منصور جو ٻيو خط
سرجاني ۾ پوليو ورڪر جي سامهون ننگي حالت ۾ ايندڙ شخص گرفتار
يمن مان حوثين جو تل ابيب تي ميزائل حملو، 16 ڄڻا زخمي
سنڌيار ڪراچي 21 ڊسمبر 2024ع