لاس اينجلس )ويب ڊيسڪ)آمريڪا جي ڪيليفورنيا جي شهر لاس اينجلس ۾ هندستاني پنجاب کي خالصتان ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ ريفرنڊم ۾ ووٽنگ ڪاميابي سان مڪمل ٿي وئي آهي. هن ريفرنڊم ۾ 35,000 کان وڌيڪ سکن جوش سان حصو ورتو، جنهن کي سک برادري طرفان پنهنجي الڳ رياست لاءِ هڪ مضبوط پيغام قرار ڏنو پيو وڃي.آمريڪا جي مختلف حصن مان سک برادري جا ميمبر ووٽ ڏيڻ لاءِ لاس اينجلس پهتا، جتي ووٽنگ صبح 9 وڳي سوِڪ سينٽر ۾ شروع ٿي. ووٽنگ سڄو ڏينهن جاري رهي، هزارين سک مرد ۽ عورتون ووٽ ڏيڻ لاءِ قطار ۾ بيٺا رهيا.ووٽنگ جي آخر ۾، سکس فار جسٽس جي اڳواڻ گرپتونت سنگهه پنو پنهنجي خطاب ۾ اعلان ڪيو ته ايندڙ خالصتان ريفرنڊم 17 آگسٽ تي واشنگٽن ڊي سي ۾ منعقد ڪيو ويندو. هن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ آمريڪي انتظاميا جو ريفرنڊم ڪرائڻ جي اجازت ڏيڻ تي شڪريو ادا ڪيو.گرپتونت سنگهه پنو چيو ته دنيا جا سک هندستان کي واضح پيغام ڏئي رهيا آهن ته اهي هندستان جي حڪمراني هيٺ رهڻ نٿا چاهين. اسان هندستان جي گولين جو جواب ووٽن سان ڏينداسين ۽ ڪنهن به حالت ۾ پنهنجي خود اراديت جي حق کي دٻائڻ نه ڏينداسين.ريفرنڊم دوران سک اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سکن لاءِ پنهنجي آزاد رياست قائم ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي.
