انگلينڊ جي آسٽريليا کي 8 وڪيٽن تان شڪست

دبئي(ويب ڊيسڪ) سپر 12 جي مرحلي ۾ ڇنڇر ڏينهن ٻه ميچ کيڏيا ويا پهرين ميچ ۾ سريلنڪا کي ڏکڻ آفريڪا شڪسٽ ڏئي ڇڏي جڏهن ته ٻئي ميچ ۾ انگلينڊ آستريليا کي شڪست ڏئي ڇڏي. سريلنڪا مقرر اوورز ۾ 142 تي آل آئوٽ ٿي وئي. جواب ۾ ڏکڻ آفريڪا 19.5 اوورز ۾6 وڪيٽن تي هدف حاصل ڪري ورتو. انگلينڊ ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو، آسٽريليا 125 تي آل آئوٽ ٿي وئي ايرن فنچ 44، ايشٽن اگر 20 ۽ ميٿيو ويڊ 18 رنس ٺاهيون. ڪرس جورڊن 17 رنز تي 3، ڪرس ووڪس 23 رنز تي 2 ۽ ٽيمل ملز 45 رنز عيوض 2 وڪيٽون ورتيون. انگلينڊ 11.4 اوورز ۾ ٻن وڪيٽن جي نقصان تي 126 رنز ٺاهي ميچ کٽي ورتي. جوز بٽلي 71 تي ناٽ آئوٽ رهيو، جيسن راءِ 22 تي آئوٽ ٿيو جوني بيئر اسٽوو 16 تي ناٽ آئوٽ رهيو. ايشٽن اگر 15 رنز ڏئي هڪ ۽ زيمپا 37 رنز ڏئي هڪ وڪيٽ ورتي.

پهنجو تبصرو موڪليو