انگلينڊ جي ڀارت کي ٻئي سيمي فائنل ۾ 10 وڪيٽن تان بدترين شڪست

ايڊليڊ: (اسپورٽس نيوز) ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي ٻئي سيمي فائنل ۾ انگلينڊ ڀارت کي 10 وڪيٽن تان شڪست ڏئي فائنل جي لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو.ايڊليڊ ۾ کيڏيل ميچ دوران انگلينڊ جي ڪپتان جوز بٽلر ۽ ايلڪس هيلز 170 رنسن جي پارٽنر شپ قائم ڪئي.آءِ سي سي ٽورنامينٽ جو ٻيو سيمي فائنل آسٽريليا جي شهر ايڊليڊ ۾ کيڏيو ويو جتي انگلينڊ جي ڪپتان جوز بٽلر ٽاس کٽي ڀارتي ڪپتان روهيت شرما کي بيٽنگ جي دعوت ڏني.ڀارت پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورز ۾ 168 رنسون ٺاهيون ۽ انگلينڊ کي 169 رنسن جو حدف ڏنو.حدف جي تعاقب ۾ انگلينڊ جي اوپنرز بهترين راند جو مظاهرو ڪيو. اوپنر ايلڪس هيلز ۽ ڪپتان جوز بٽلر 170 رنسن جي پارٽنر شپ قائم ڪئي. ٻنهي ڄڻن 68 ۽ 80 رنسن جي اننگز کيڏي. ايلڪس بيلز 47 بالن تي 7 ڇڪن ۽ 4 چوڪن جي مدد سان 86 جڏهن ته جوز بٽلر 49 بالن تي 3 ڇڪن ۽ 9 چوڪن جي مدد سان 80 رنسون ٺاهيون. ڀارتي بالرز ميچ ۾ هڪ به وڪيٽ حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيا.ڀارت پهريان کيڏندي انگلينڊ کي 169 رنسن جو حدف ڏنو هو. ڪپتان روهيت شرما 27 ڪي ايل راهول 5، سوريه ڪمار يادو 14 رنسون ٺاهي پويلين موٽيا هئا. جڏهن ته ويرات ڪوهلي ذميوارانه راند جو مظاهرو ڪندي 50 ۽ باردڪ پانڊيا بهترين راند کيڏندي 52 رنسن جي اننگز کيڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو