جوز بٽلر جي آسٽريلوي بيٽسمين کي تنگ ڪرڻ جي ڪوشش

ايڊيليڊ(ويب ڊيسڪ)آچر تي ٽي 20 ورلڊ ڪپ کٽيندڙ انگلينڊ جي ٽيم ڪالهه آسٽريليا خلاف ون ڊي ميچ ۾ ايڪشن ۾ نظر آئي.ايڊيليڊ ۾ کيڏيل ميچ دوران آسٽريلوي ٽيم جي بيٽسمين ڪيمرون گرين کي انگلينڊ جي ڪپتان ۽ وڪيٽ ڪيپر جوس بٽلر هراسان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. اننگز جي 41هين اوور ۾ ڪيمرون گرين اسپن بالر ليام ڊوسن خلاف وڏو شاٽ کيڏڻ جي ڪوشش ڪئي پر ناڪام رهيو، جنهن کانپوءِ انگلش ڪپتان وڪيٽ جي پويان جملا چئي کيس تنگ ڪرڻ ۽ ڌيان ڇڪائڻ جي ڪوشش ڪئي.انگلينڊ جي ڪپتان جا جملا وڪيٽ جي پويان مائڪ ذريعي رڪارڊ ڪيا ويا.جوس بٽلر چيو ته اهو سٺو آهي ته ڪنهن کي شاٽ کيڏڻ بعد ڪيمرون گرين ايندڙ بال تي تمام گهڻو دفاعي هو.هن ڀيري انگلينڊ جي ڪپتان انڊين پريميئر ليگ (آءِ پي ايل) جو ذڪر سندس ڌيان هٽائڻ لاءِ ڪيو.”وڏي نيلام اچي رهي آهي،“ جوس بٽلر رڙ ڪئي.ان موقعي تي آسٽريلوي بيٽسمين جوس بٽلر جي جملن تي رڳو مسڪرائيندي رد عمل ڏنو.

پهنجو تبصرو موڪليو