انگلينڊ کي شڪست، ٽيسٽ سيريز برابر، اسپنرز جو اپ سيٽ

ملتان(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ٻئي ٽيسٽ ميچ ۾ انگلينڊ کي 152 رنسن تان شڪست ڏئي ٽن ٽيسٽ ميچز جي سيريز هڪ هڪ کان برابر ڪري ڇڏي. سيريز جو آخري ميچ خميس تي راولپنڊي ۾ کيڏيو ويندو. پاڪستان ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصل ڪيو هو ۽ پاڪستان پهرين اننگ ۾ 366 رنز اسڪور ڪيون هيون. بابر جي جاءِ تي ٽيسٽ ڊيبيو ڪندڙ ڪامران غلام سينچر اسڪور ڪندي 119 رنسون ٺاهيون هيون صائم ايوب 77 رنسون ٺاهي نمايا رهيا هئا.انگلينڊ جي 114 رنسون ڏئي 4 وڪيٽون ورتيون هيون جڏهن ته برائيڊن ڪرس 50 رنسون ڏئي 3 وڪيٽون ورتيون هيون. انگلينڊ پهرين اننگ ۾291 رنسون ٺاهي آل آئوٽ ٿي وئي هئي جنهن ۾ ڪپتان بين اسٽوڪ 114 ۽ جو روٽ 34 رنسون ٺاهي نميان رهيا هئا. ساجد خان 111 رنسون ڏئي 7 وڪيٽون ورتيون هيون ۽ نعمان علي 101 رنسون ڏئي 3 وڪيٽون ورتيون هيون. پاڪستان ٻئي اننگ ۾221 رنسون ٺاهيون جن ۾ سلمان آعا 63 ۽ سعود شڪيل 31 رنسون ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهيا هئا. شعيب بشير 66 رنسون ڏئي 4 ۽ جيڪ ليچ 67 رنسن عيوض 3 وڪيٽون ورتيون هيون. انگلينڊ ٻئي اننگ ۾ 144 تي آل آئوٽ ٿي وئي، بين اسٽوڪ 37 ۽ برائڊن 27 رنسون ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهيا. نعمان علي 46 رنسون ڏئي 8 ۽ ساجد خان 93 رنس ڏئي 2 وڪيٽون ورتيون.

پهنجو تبصرو موڪليو