اورنگي ٽائون ۾ اسڪول جي زمين تان قبضو ختم ڪرائڻ جو حڪم

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي جي علائقي اورنگي ٽائون ۾ اسڪول جي زمين تان قبضو ختم ڪرائڻ لاءِ چيف سيڪريٽري کي حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.اورنگي ٽائون ۾ سرڪاري اسڪول جي زمين تي قبضي خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي.عدالت هدايت ڪئي ته سائيٽ خالي ڪرائڻ بعد يونيورسٽي يا ڪاليج ٺاهيو وڃي، زمين تعليمي مقصدن لاءِ آهي، اسڪول ڪميٽي ۽ تعليمي ماهرن سان مشاورت ڪئي وڃي.سنڌ هاءِ ڪورٽ جو چوڻ آهي ته اسڪول ڪميٽي زمين ليز هولڊرز کي متبادل جڳهه ڏيڻ جو به فيصلو ڪري، ڪميٽي 3 مهينن ۾ سفارشون مڪمل ڪري رپورٽ پيش ڪري.درخواستگذار چيو ته لاڳاپيل آفيسرن جي ملي ڀڳت سان ڪروڙين رپين جي زمين تي قبضو ڪيو ويو، جرمن اسڪول جي نالي سان مشهور سرڪاري اسڪول 1 لک 5 هزار گز زمين تي قبضو ڪري رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو