ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ اوقاف کاتي جي ٺيڪن ۾ مبينا بي ضابطگين خلاف داخل درخواست رد ڪري ڇڏي.عدالت ۾ اوقاف کاتي جي ٺيڪن ۾ مبينا بي ضابطگين خلاف درخواست جي ٻڌڻي ٿي.سنڌ هاءِ ڪورٽ درخواستگذار تي 25 هزار رپيا ڏنڊ لاڳو ڪري ڇڏيو.هاءِ ڪورٽ چيو ته درخواستگذار کي هڪ مهيني اندر هاءِ ڪورٽ ڪلينڪ اڪائونٽ ۾ 25 هزار رپيا جمع ڪرائڻ گهرجن.سنڌ هاءِ ڪورٽ ڏنڊ جي عدم ادائيگي جي صورت ۾ درخواست ڏيندڙ جو سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪرڻ جو حڪم ڏنو.جج پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته درخواست ڏيندڙ معاهدن ۾ ڪنهن به بي ضابطگي جي نشاندهي ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا آهن. درخواست ڏيندڙ ٻين ڪمپنين کي ختم ڪري 100 سيڪڙو معاهدا حاصل ڪرڻ چاهي ٿو.عدالت چيو ته درخواستگذار فيصلي جو انتظار ڪرڻ کانسواءِ نظرثاني اپيل داخل ڪئي، عدالت اهڙي ڪارروائي نٿي ڪري سگهي، غير ضروري قانوني ڪارروائي عدالتن جو وقت ۽ ٽيڪس ڏيندڙن جو پئسو ضايع ڪري ٿي.
