اوگرا پاران نومبر مهيني لاءِ ايل پي جي سستي ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مهانگائي جي ستايل شهرين لاءِ سٺي خبر آهي ته آئل اينڊ گئس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) نومبر مهيني لاءِ ايل پي جي سستي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.اوگرا نومبر مهيني لاءِ ايل پي جي جي نون اگهن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. نوٽيفڪيشن موجب اوگرا نومبر مهيني لاءِ في ڪلو ايل پي جي جي قيمت ۾ 9 رپيا 96 پئسا گهٽتائي ڪري ڇڏي، جنهن کانپوءِ في ڪلو ايل پي جي جي قيمت 260 رپيا 98 پئسا مان گهٽجي 251 رپيا 3 پئسا ٿي وئي آهي. نوٽيفڪيشن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته نومبر لاءِ ايل پي جي جو گهريلو سئلينڊر 117 رپيا 47 پئسا سستو ٿي ويو. اوگرا 11.8 ڪلو گرام جي سئلينڊر جي نئين قيمت ٻه هزار 962 رپيا 17 پئسا مقرر ڪري ڇڏي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو