اوگرا پاران گيس جي قيمت ۾ 25.78 سيڪڙو تائين واڌ جي منظوري

اسلام آباد( رپورٽ اياز مهر)آئل اينڊ گيس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) هلندڙ مالي سال لاءِ گئس جي اگهن ۾ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اوگرا طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب سوئي ناردرن لاءِ گيس جي اگهن ۾ 8.71 سيڪڙو ۽ سوئي سدرن لاءِ گيس جي اگهن ۾ 25.78 سيڪڙو واڌ جي منظوري ڏني وئي آهي. اوگرا موجب سوئي ناردرن لاءِ گيس جي سراسري قيمت 1778 رپيا 35 پئسا في ايم ايم بي ٽي يو مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. ٻئي طرف سوئي سدرن لاءِ گئس جي سراسري قيمت 1762 رپيا 51 پئسا في ايم ايم بي ٽي يو مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. اوگرا جو چوڻ آهي ته گيس جي قيمتن ۾ واڌ جو حتمي فيصلو وفاقي حڪومت ڪندي ۽ نوٽيفڪيشن به جاري ڪندي. ياد رهي ته گزريل ٻن سالن ۾ هي پنجون ڀيرو آهي ته پاڪستان ۾ گيس جي قيمتن ۾ واڌ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو