ايئرپورٽ ڪيس، گل نسا جي ضمانت بابت فيصلو محفوظ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) دهشتگردي ٽوڙ عدالت ڪراچي ايئرپورٽ خودڪش بم ڌماڪي ڪيس ۾ ملزمه گل نسا جي ضمانت جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي.پراسيڪيوشن موجب، ملزمه گل نسا تي ڌماڪي ۾ سهولتڪاري جو الزام آهي.ملزم خودڪش بمبار شاهد فهد ۽ ساٿي ملزم جاويد کي پنهنجي گهر ۾ مهمان نوازي ڪئي هئي.پراسيڪيوشن موجب، جوابدار خودڪش بمبار سان گڏ حب کان ڪراچي ۾ داخل ٿيو.

پهنجو تبصرو موڪليو