ايراني ڳائڻي حجاب کانسواءِ پرفارم ڪرڻ تي گرفتار

تحران (ويب ڊيسڪ)ايراني ڳائڻي پرستو احمدي حجاب کانسواءِ پرفارم ڪرڻ تي مشڪل ۾ پئجي وئي، مٿس ڪيس داخل ڪري کيس گرفتار ڪيو ويو.ايران جي سرڪاري نيوز ايجنسي ”ارنا نيوز“ موجب ايراني اختيارين هڪ عورت ڳائڻي کي يوٽيوب تي بغير حجاب جي ورچوئل ڪنسرٽ منعقد ڪرڻ تي گرفتار ڪري ورتو آهي.پارستا احمدي جي وڪيل چيو ته اسان کي پنهنجي موکل جي حالت جي خبر نه هئي، بدقسمتي سان خبر پئي ته اڄ ڳائڻي کي مازندران صوبي مان گرفتار ڪيو ويو آهي.27 ورهين جي ايراني ڳائڻي جي وڪيل موجب پرستو احمدي پنهنجي ڪنسرٽ جي هڪ وڊيو آن لائن پوسٽ ڪئي جنهن ۾ هن حجاب نه ڪيو هو.ايراني ڳائڻي جي ورچوئل ڪنسرٽ جي هن وڊيو کي يوٽيوب تي 1.6 ملين کان وڌيڪ ڀيرا ڏٺو ويو آهي.ڳائڻي جي وڪيل چيو ته منهنجي موکل جي گرفتاري بغير ڪنهن اڳواٽ اطلاع يا عدليه جي طلبي جي ڪئي وئي.پروستو احمدي جي وڪيل وڌيڪ چيو ته اسان قانوني ڪارروائي جو انتظار ڪري رهيا هئاسين پر اڄ شام ٻن موسيقارن احسان برجيدار ۽ سهيل فقير ناصري کي تهران جي ميوزڪ اڪيڊمي مان گرفتار ڪيو ويو،ايراني ڳائڻي جو چوڻ هو ته انهن ماڻهن لاءِ ڳائڻ جن سان هوءَ پيار ڪندي آهي، ان جو حق آهي جنهن کي هو نظرانداز نه ڪري سگهي، مان انهن ماڻهن لاءِ ڳائڻ چاهيان ٿي جن سان مان محبت ڪريان ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو