آمريڪا سان اڻ سڌي طرح ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون، ايران

تحران (ويب ڊيسڪ) ايران آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي خط جو جواب ڏيندي چيو آهي ته آمريڪا سان اڻ سڌي طرح ڳالهيون اڃا تائين ممڪن آهن، جيئن ماضي ۾ هيون. ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي جي جواب آمريڪي صدر جي خط تي ايراني نقطه نظر کي واضح ڪيو، سرڪاري نيوز ايجنسي سان ڳالهائيندي ايراني پرڏيهي وزير چيو ته سرڪاري جواب ۾ هڪ خط شامل آهي جيڪو موجوده صورتحال ۽ آمريڪي خط تي ايراني نقطه نظر جي وضاحت ڪري ٿو،هن وڌيڪ چيو ته ايران پنهنجو خط عمان کي حوالي ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو معاملي ۾ ثالث طور ڪم ڪري رهيو آهي.آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ 12 مارچ تي ايران کي هڪ خط موڪليو. آمريڪي صدر جي خط جو مواد سرڪاري طور تي ظاهر نه ڪيو ويو.ڊونلڊ ٽرمپ موجب، هن ايران سان نئين ايٽمي معاهدي تي ڳالهين جي درخواست ڪئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو