تحران (ويب ڊيسڪ)ايران جي پاسداران انقلاب هرمز جي آبنائي جي ويجهو ٽن ٻيٽن تي نوان ميزائل سسٽم نصب ڪيا آهن.ايراني ميڊيا جي رپورٽن موجب، نوان ميزائل سسٽم هرمز جي آبنائي جي ويجهو تنب الکبرا، تنب السغرا ۽ ابو موسيٰ ۾ نصب ڪيا ويا آهن، جيڪو هڪ اهم عالمي سامونڊي رستو آهي.رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته انقلابي گارڊز تازو ئي علائقي ۾ فوجي مشقون ڪيون آهن.پاسداران انقلاب هي قدم اهڙي وقت کنيو آهي جڏهن ايران آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي هڪ ڌمڪي واري خط جو جواب ڏيڻ جي تياري ڪري رهيو آهي.ان حوالي سان، انقلابي گارڊز جي نيول ڪمانڊر علي رضا تنگسيري جو چوڻ آهي ته اسان وٽ خطي ۾ دشمن جي اڏن، جهازن ۽ اثاثن تي حملو ڪرڻ جي صلاحيت آهي.هن چيو ته نوان ميزائل سسٽم 600 ڪلوميٽر يا 370 ميل اندر ڪنهن به هدف کي مڪمل طور تي تباهه ڪري سگهن ٿا.
