تحران (ويب ڊيسڪ)ايراني پرڏيهي وزير سيد عباس عراقچي چيو آهي ته اسان يورپي ملڪن سان ڳالهين لاءِ تيار آهيون. پرڏيهي ميڊيا موجب، ايراني پرڏيهي وزير سيد عباس عراقچي ۽ ڊچ پرڏيهي وزير ڪيسپر ويلڊ ڪيمپ ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، جنهن ۾ هن چيو ته اسان يورپي ملڪن سان ڳالهائڻ لاءِ تيار آهيون. ايراني پرڏيهي وزير علائقائي ترقي ۾ ايران جي ڪردار جي اهميت جو حوالو ڏنو. هن چيو ته اختلافن کي حل ڪرڻ لاءِ سفارتڪاري استعمال ڪرڻ جي ضرورت آهي.ٻئي طرف، ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي علائقائي عدم استحڪام بابت جي 7 ملڪن جي بيان کي رد ڪري ڇڏيو آهي.ترجمان چيو ته اسان جون ايٽمي سرگرميون اسان جي ٽيڪنيڪل ۽ صنعتي ضرورتن ۽ بين الاقوامي حقن ۽ پابندين جي مطابق آهن.
