ايران ۾ دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو ويو: فوجي ترجمان

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ )آپريشن مرگ بر سرمچار شروع، پاڪستان جو ايران کي جواب، سيستان ۾ دهشتگردن جي ٺڪاڻن تي ڪارروائي، ڪيترائي دهشتگرد مارجي ويا. آءِ ايس پي آر ايران جي علائقي سيستان ۾ ڪيل حملي تي وضاحتي بيان جاري ڪري ڇڏيو. پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان موجب، 18 جنوري جي صبح پاڪستان، ايران ۾ حملا ڪيا ۽ انهن دهشتگردن خلاف ڪارروائيون ڪيون جيڪي پاڪستان ۾ تازن حملن ۾ ملوث هئا، پاڪستان ڊرونز، راڪٽس ۽ ٻين هٿيارن سان ڪارروائيون ڪيون. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته سيستان ۾ بلوچستان لبريشن آرمي ۽ بلوچستان لبريشن فرنٽ جي ٿاڪن کي ڪاميابي سان نشانو بڻايو ويو، آپريشن ڳجهي اطلاع تي ڪيو ويو ۽ آپريشن جو نالو ” مرگ بر “ رکيو ويو آهي. آءِ ايس پي آءِ موجب، نشانو بڻايل ٿاڪ پاڪستان خلاف ڪارروائين ۾ ملوث دهشتگردن جي استعمال هيٺ هئا، پاڪ فوج دهشتگردن جي ڪارروائين خلاف پاڪستاني شهرن جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ لاءِ مستقل تيار آهي. آءِ ايس پي آر پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ چيو ته اسان جو عزم آهي پاڪستان جي علائقائي حدن جي خودمختياري کي هر صورت ۾ محفوط بڻائينداسين، عوام جي مدد سان پاڪستان سمورن دشمنن کي ناڪام بڻائڻ جو عزم ورجائي ٿو ۽ اڳتي وڌڻ لاءِ ٻن پاڙيسري ملڪن سان ڳالهيون ۽ سهڪار کي هٿي ڏيڻ چاهيون ٿا، دوست ملڪن سان ٻه طرفا معاملا طئي ڪرڻ چاهيون.

ايران ۾ مقرر پاڪستاني سفير مدثر ٽيپو وطن واپس پهچي ويو
ايران ۾ پاڪستان جو سفير مدثر ٽيپو وطن واپس پهچي ويو آهي.ايران طرفان بلوچستان حملي جي نتيجي ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ پيدا ٿيل ڇڪتاڻ کانپوءِ پاڪستان ايران جي سفير کي ملڪ بدر ڪرڻ ۽ پنهنجو سفير واپس گهرائڻ جو اعلان ڪيو هو.

آمريڪا جي ايراني حملي جي سخت مذمت
آمريڪا، ايران طرفان پاڪستاني علائقي تي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته ايران ٽن پاڙيسري ملڪن جي خودمختيار سرحدن جي ڀڃڪڙي ڪئي، ايران خطي ۾ دهشتگردي جو سڀ کان وڏو اسپانسر آهي ۽ ايران جي ڪري ئي آمريڪا عراق ۾ موجود آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو