سيستان ۾ نامعلوم هٿياربندن هٿان 8 پاڪستاني ڪار مڪينڪ قتل

تحران (ويب ڊيسڪ)ايران جي صوبي سيستان ۾ 8 پاڪستاني ڪار ميڪينڪ مارجي ويا.سفارتي ذريعن موجب، مارجي ويل اٺ پاڪستاني ايراني صوبي سيستان جي مهرستان علائقي ۾ ڪم ڪندا هئا ذريعن موجب ايراني اختيارين هڪ پاڪستاني ڪار ميڪينڪ جي قتل جي جاچ ڪري رهيا آهن. سفارتي ذريعن جو چوڻ آهي ته قانوني ڪارروائي کانپوءِ مقتول پاڪستانين جي لاشن جي واپسي لاءِ قدم کنيا ويندا.ذريعن موجب حملي آور ورڪشاپ ۾ داخل ٿيا، پهريان 8 ماڻهن جا هٿ ۽ پير ٻڌي ڇڏيا ۽ پوءِ انهن کي گوليون هڻي ماري ڇڏيون.سفارتي ذريعن موجب، فوت ٿيلن مان پنجن جي سڃاڻپ ٿي چڪي آهي، جن ۾ جعفر، دانش ناصر ورڪشاپ جو مالڪ دلشاد ۽ سندس پٽ نعيم شامل آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو