ايران 11 لک افغان پناهگيرن کي ملڪ بدر ڪري ڇڏيو

تهران: (ويب ڊيسڪ) ايران وڌيڪ پناهه ڏيڻ کان معذرت ڪندي 11 لک افغان پناهگيرن کي ملڪ بدر ڪري ڇڏيو. ايراني پرڏيهي وزير اسڪندر مومني چيو آهي ته وڌيڪ افغان پناهگيرن کي پناهه ڏيڻ کان قاصر آهيون، حڪومت سخت قدم کڻندي سرحدن جي نگراني وڌيڪ وڌائي ڇڏي آهي ته جيئن غيرقانوني چرپر کي روڪي سگهجي.افغانستان ۾ طالبان حڪومت ايران ۽ پاڪستان کان مطالبو ڪيو آهي ته افغان پناهگيرن جي واپسي جو ڪم زبردستي جي بجاءِ هڪ منظم طريقي سان انجام ڏنو وڃي.ياد رهي ته گذريل ڏينهن پاڪستاني پرڏيهي وزارت به سمورن افغان ڪارڊ هولڊرز کي 31 مارچ تائين ملڪ ڇڏڻ جي هدايت جاري ڪئي هئي. گهرو وزارت موجب 31 مارچ کان پوءِ غيرقانوني طور تي ترسيل پرڏيهين جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ پهرين اپريل کان ملڪ بدر ڪرڻ جو عمل شروع ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو