خضدار(ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي شهر حب جي ايس ايڇ او قادر شيخ جي خضدار م واقع گهر تي نامعلوم ماڻهن هينڊ گرنيڊ سان حملو ڪيو آهي. جنهن ۾ ايس ايڇ او جو والد ۽ 4 ٻارڙا جيڪي سندس ڀائٽيا آهن، اهي زخمي ٿي پيا. پوليس جو چوڻ آهي ته سندس والد کي ابتدائي طبي امداد بعد وڌيڪ علاج لاءِ ڪراچي روانو ڪيو ويو آهي جڏهن ته ٻارڙن کي ابتدائي طبي امداد بعد کين گهر روانو ڪيو ويو آهي. ايس ايس پي خضدار جاويد زهري جو چوڻ آهي ته پوليس ان معاملي جي جاچ ڪري رهي آهي. ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ هٿيار بند خضدار پوليس جي موبائيل ڪاهي ويا هئا ۽ پوليس اهلڪارن کان هٿيار کسڻ جون خبرون به هليون هيون.
