ايشيا ڪپ جو شيڊيول ۽ ٽرافي جي رونمائي اڄ ٿيندي

لاهور (ويب ڊيسڪ)ايشيا ڪپ جي فائنل شيڊول جو اعلان اڄ ڪيو ويندو ۽ ٽرافي جي پڌرائي اڄ ڪئي ويندي.پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ مئنيجمينٽ ڪميٽي جو چيئرمين ذڪا اشرف ٽرافي جي نقاب کشائي ڪندو.ذريعن موجب ايشيا ڪپ 30 آگسٽ کان شروع ٿيندو، افتتاحي ميچ پاڪستان ۽ نيپال جي ٽيمن وچ ۾ ملتان ۾ کيڏي ويندي.ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۽ نيپال جون ٽيمون پهرين ميچ کيڏڻ کانپوءِ فوري طور تي سريلنڪا لاءِ رواني ٿينديون، جتي 2 سيپٽمبر تي پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ميچ کيڏي ويندي.ايشيا ڪپ جو فائنل 17 سيپٽمبر تي ڪولمبو ۾ کيڏيو ويندو. ٽورنامينٽ ۾ ڪل 13 ميچون کيڏيون وينديون، جن مان سپر فور مرحلي جي پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ميچ 10 سيپٽمبر تي ڪنڊي ۾ کيڏي ويندي.ايشيا ڪپ جا سمورا ميچ پاڪستاني وقت موجب 1 وڳي شروع ٿيندا.ايشيا ڪپ ۾ پاڪستان، ڀارت ۽ نيپال جون ٽيمون گروپ اي ۾ آهن جڏهن ته گروپ بي ۾ سريلنڪا، بنگلاديش ۽ افغانستان جون ٽيمون آهن.گروپ مان ٽاپ 2 ٽيمون سپر فور اسٽيج لاءِ ڪواليفائي ڪنديون. پهرين مرحلي جون 3 ميچون لاهور ۾ کيڏيون وينديون، سپر فور مرحلي ۾ پاڪستان اي هڪ ۽ ڀارت بي جون ٻه ميچون هونديون.ذريعن موجب هن وقت تائين شيڊول موجب سپر فور مرحلي جي هڪ ميچ لاهور ۾ کيڏڻ جو به امڪان آهي. سپر فور مرحلي جي اي ون ۽ بي 2 ٽيمن وچ ۾ ميچ 6 سيپٽمبر تي لاهور ۾ کيڏي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو