ملتان (ويب ڊيسڪ)ايشيا ڪپ 2023 جي افتتاحي ميچ ۾ پاڪستان نيپال کي کٽڻ لاءِ 343 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو،ملتان ۾ جاري ايشيا ڪپ جي پهرين ميچ ۾ پاڪستان نيپال خلاف ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو قومي ٽيم ڪپتان بابر اعظم ۽ افتخار احمد جي شاندار بيٽنگ جي بدولت نيپال کي 343 رنسن جو جبل جهڙو هدف ڏنو آهي،پاڪستان جڏهن پنهنجي اننگز جي شروعات ڪئي ته قومي ٽيم جا اوپنر جلد ئي پويلين موٽي ويا، فخر زمان 14 رنسون ٺاهي پويلين موٽي ويو، جڏهن ته امام الحق 5 رنسون ٺاهي رن آئوٽ ٿي ويو. ان موقعي تي رضوان ۽ بابر اعظم ذميواراڻي بيٽنگ ڪئي ۽ مجموعي اسڪور کي 111 رنسن تائين پهچايو،رضوان 44 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو، ان کانپوءِ آيو آغا سلمان 5 رنسون ٺاهي پويلين موٽي ويو،ان موقعي تي آيل بيٽسمين افتخار احمد ڪپتان جو ڀرپور ساٿ ڏنو، بابر اعظم آخري اوور ۾ 151 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو، جڏهن ته افتخار احمد 71 بالن تي 109 رنسن جي جارحاڻي اننگز کيڏي ناٽ آئوٽ رهيو،قومي ٽيم مقرر 50 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 342 رنسون ٺاهيون،نيپال لاءِ سومپل ڪمي 2 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو جڏهن ته ڪرن ۽ سنديپ لميچا هڪ هڪ وڪيٽ ورتي،ٽاس جي موقعي تي قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم جو چوڻ هو ته پچ سٺي لڳي رهي آهي، خشڪ آهي، اسان پنهنجي ڪرڪيٽ مان مزو وٺنداسين، ايشيا ڪپ ۾ سٺي ڪرڪيٽ کيڏنداسين،هڪ ڏينهن اڳ پلينگ اليون جو اعلان ڪرڻ بابت سوال تي بابر چيو ته هو ميچ لاءِ پراعتماد آهي، ان ڪري پلينگ اليون جو اعلان اڳ ئي ڪيو ويو هو،نيپال ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان روهت پوڊيل چيو آهي ته پهريون ڀيرو ايشيا ڪپ کيڏي رهيا آهيون، وڪيٽ بيٽنگ لاءِ سٺي لڳي رهي آهي.،ايشيا ڪپ جي پهرين ميچ لاءِ پاڪستان گذريل رات نيپال خلاف پلينگ اليون جو اعلان ڪري ڇڏيو، ٽيم ۾ 3 تبديليون ڪيون ويون آهن.سعود شڪيل، وسيم جونيئر ۽ آل رائونڊر فهيم اشرف جي جاءِ تي افتخار احمد، حارث رئوف ۽ نسيم شاهه کي شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو
پاڪستان مان پوليو وائرس جو خاتمو هڪ خواب بڻيل
آئيني بئنچ جي مدي ۾ 6 مهينا واڌ، جڊيشل ڪميشن رولز جي به منظوري
پوليو ٽيم تي حملي ۾ ملوث 6 جوابدارن جي ضمانت منظور
جي ايڇ ڪيو حملي ڪيس جا 2 جوابدار اڊيالا جيل منتقل
پي ٽي آءِ قيدين کي ڏنل سزائون انصاف جي اصولن جي خلاف آهن
مدرسن رجسٽريشن بابت اتحاد تنظيم مدرسن جا مطالبا منظور
آفيسر کي ترقي نه ڏيڻ جو فيصلو ڪالعدم،غور جي هدايت
راجگال ۾ فتنا خوارج جي دراندازي ناڪام، 4 خارجي مارجي ويا
انسانيت جي دشمنن جي ناپاڪ ارادن کي خاڪ ۾ ملائينداسين
بلوچستان، گذريل 24 ڪلاڪن دوران 48 ٽريفڪ حادثا
باصلاحيت نوجوانن کي 50 هزار نوڪريون به نه پيون ملن
47 سيڪڙو ٽيڪس عوام جي مفادن تي خرچ ٿيندو نظر نٿو اچي، سروي
پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا وچ ۾ ٽيون ۽ آخري ون ڊي ميچ سڀاڻي ٿيندو
ڀارت مان اسلام آباد پهچندڙ فرانسيسي شهري وٽان منشيات هٿ
ڪاميڊي نائٽس ود ڪپل ۾ ڪم ڪرڻ زندگي جي وڏي غلطي هئي
9 مئي سانحي ۾ ملوث 25 ڏوهارين کي 10 سال قيد بامشقت سزا
بشرا بي بي جي 32 ڪيسن ۾ عبوري ضمانت منظور
ڪرم ۾ بنڪر ڪيرائڻ ۽ هٿيار جمع بعد رستا کوليا ويندا: سيف
جڊيشل ڪميشن جي اجلاس کان اڳ جسٽس منصور جو ٻيو خط
سرجاني ۾ پوليو ورڪر جي سامهون ننگي حالت ۾ ايندڙ شخص گرفتار