ايف بي آر آفيسرن کي روڪ رقم ڏيڻ واري اسڪيم جي منظوري

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف فيڊرل بورڊ آف روينيو(ايف بي آر) جي آفيسرن کي روڪ انعام ڏيڻ جي اسڪيم جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.ذريعن موجب ايف بي آر آفيسرن کي انعام ڏيڻ جي اسڪيم جي لاءِ 30 ارب روپيه رکيا ويا آهن جنهن جي وزيراعظم شهباز شريف منظوري ڏئي ڇڏي آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته روڪ انعام صرف انڪم ٽيڪس ۽ ڪسٽمز جي 1800 ڪيڊر آفيسرن کي ڏنو ويندو. ٻئي طرف ايف بي آر انڪم ٽيڪس ۽ ڪسٽمز جي آفيسرن جي آن لائين ويليو ايشن جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪري ڇڏيو آهي.جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ايف بي آر ريٽنگ ۽ ريوارڊ سسٽم جو 21 جنوري تي ٽيسٽ رن ڪندو جنهن ۾ انڪم ٽيڪس ۽ ڪسٽمز آفيسر پيٽر ريٽنگ ڪندا. ايف بي آر موجب اسڪيم جي تحت ٽيڪس آفيسر پنهنجي سينئرز ۽ جونيئر جي رينڪنگ ڪندا. آفيسرن جي رينڪنگ اي بي، سي ڊي ۽ اي ڪيٽيگري ۾ ڪري سگهبي.رينڪنگ جي تحت 20 سيڪڙو آفيسرن کي هڪ ڪيٽيگري ۾ رکڻ ضروري آهي جڏهن ته اي ڪيٽيگري وارن آفيسرن کي 5 بنيادي پگهارون به انعام ۾ ڏنيون وينديون.

پهنجو تبصرو موڪليو