ايف بي آر جي انفورسمينٽ سسٽم کي بهتر بڻائڻ ضروري آهي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ايف بي آر جي انفورسمينٽ سسٽم کي بهتر بڻائڻ وقت جي ضرورت آهي.وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ فيڊرل بورڊ آف روينيو جي معاملن بابت اجلاس ٿيو.ملاقات ۾ وزيراعظم ايف بي آر جي تبديلي واري منصوبي کي ساراهيو ۽ ان منصوبي تي لاڳاپيل اسٽيڪ هولڊرز سان وڌيڪ مشاورت جي هدايت ڪئي.هن ايف بي آر جي انفورسمينٽ سسٽم کي وڌيڪ فعال بڻائڻ ۽ اسمگلنگ جي روڪٿام جي حوالي سان قدمن کي تيز ڪرڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪئي.شهباز شريف چيو ته ايف بي آر ملڪي معيشت جي ريڙهه جي هڏي آهي.ايف بي آر جي ڊجيٽلائيزيشن حڪومت جي معاشي سڌارن ۾ سنگ ميل جي نشاندهي ڪري ٿي.هن وڌيڪ چيو ته روينيو ۾ بهتري سان عوام ۽ سماجي شعبي کي خدمتن جي فراهمي ۾ بهتري ايندي.شهباز شريف اهو به چيو ته سٺن ٽيڪس ادا ڪندڙن کي گهرايو وڃي، صلاح مشورا ۽ تجويزون وٺڻ گهرجن، خانگي شعبي جو بهتري حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي، فعال ۽ خوشحال خانگي شعبو ملڪي معيشت لاءِ تمام ضروري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو