اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) کي 6 نومبر تائين ٽيڪس سال 2024 لاءِ 52 لک 15 هزار انڪم ٽيڪس ريٽرن وصول ٿيا آهن. جيڪي گذريل سال جي ساڳئي عرصي دوران حاصل ڪيل 29 لک 59 هزار جي ڀيٽ ۾ 76 سيڪڙو وڌيڪ آهن. 31 اڪٽوبر جي آخري ڊيڊ لائين بعد ايف بي آر کي گذريل هفتي 86,035 ريٽرن مليا، جن تي ڏنڊ پڻ لاڳو ڪيو ويو آهي. ٽيڪس سال 2024 جي ريٽرن سان گڏ ٽيڪس جي ادائيگي 6 نومبر تائين هڪ ارب 32 ڪروڙ 59 لک رپيا رڪارڊ ٿي. گذريل سال جي ساڳئي عرصي ۾ اه رقم 7 ڪروڙ 71 لک 32 هزار روپيا هئي ۽ هن سال اها رقم 71.47 سيڪڙو اضافي وصول ٿي آهي. ايف بي آر ٽيڪس ڏيندڙن لاءِ پنهنجا ريٽرن فائل ڪرڻ ۾ آساني پيدا ڪرڻ لاءِ آخري تاريخ ۾ ٻه ڀيرا واڌ ڪئي هئي. انڪم ٽيڪس آرڊيننس موجب ٽيڪس گوشوارا جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 30 سيپٽمبر هوندي آهي. ٽيڪس سال 2023 دوران ايف بي آر کي ڪل 66 لک 95 هزار انڪم ٽيڪس گوشوارا مليا هئا. انگن اکرن موجب، ايف بي آر پهرين جولاءِ 2023ع کان 6 نومبر تائين 13 لک 46 هزار نوان ريٽرن وصول ڪيا، هن سال ٽيڪس اختيارين پهرين جولاءِ کان 6 نومبر 2024ع تائين 660,000 نوان ريٽرن فائلرز رجسٽرڊ ٿيا آهن. جيڪا ايف بي آر جي وڏي ڪاميابي آهي. لڳي ٿو ته انهن فائلرز کي ملندڙ فائدا حاصل ڪرڻ لاءِ رڳو رٽرن جمع ڪرايا آهن. ايف بي آر ٽرانسفارميشن پلان تحت نان فائلرز کي ڪنهن به مالي يا سيڙپڪاري جي سرگرمين ۾ شامل ٿيڻ تي پابندي آهي، حج ۽ زيارت جي سفرن کانسواءِ ٻاهرين ملڪ سفر تي به پابندي لاڳو ڪيل آهي. نان فائلرز ڪارون، غير منقوله جائيداد، فنانشل ٽرانزڪيشن تي به پابندي آهي، البته هو ٽيڪس آسان اڪائونٽ ذريعي ٽرزنزيڪشن ڪري سگهن ٿا. هو سيونگ يا ڪرنٽ اڪائونٽ استعمال نٿا ڪري سگهن. ايف بي آر موجب 10 لک يا ان کان مٿي انڪم ظاهر ڪندڙ نان فائلرز تي پابنديون نه آهن پر ان کان گهٽ آمدن ظاهر ڪندڙ نان فائيلرز کي ملڪيت خريدڻ جي صورت ۾ انڪم جو ذريعو ٻڌائڻو پوندو.
ڪئنال قبول ناهن، سنڌو درياه اسان جي ماءُ آهي
في يونٽ تي 26 رپين تائين رليف، سهولت پيڪيج جو اعلان
ميجر جنرل محمد شمريز ڊي جي رينجرز سنڌ جو عهدو سنڀالي ورتو
10 ججن خلاف شڪايتون رد، سنڌ هاءِ ڪورٽ جا سڀ جج آئيني بينچ ۾ شامل
ملڪ ۾ فائيو جي انٽرنيٽ سروس لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون: وزيراعظم
9 مئي جي ڀڃ ڊاهه وارن 4 ڪيسن ۾ خان جي ضمانت منظور
26 هين آئيني ترميم خلاف 2 درخواستون سپريم ڪورٽ ۾ داخل
آسٽريليا کي 9 وڪيٽن تان شڪست، رضوان جا 6 ڪيچ، حارث جون 5 وڪيٽون
سنڌ سرڪار ٻوڏ ۾ بي گھر ٿيل ماڻھن جو درد سمجھي ٿي
ٽڪ ٽاڪ تي پابندي بابت صدر ٽرمپ جو فيصلو ڇا هوندو؟
مسافرن کي سفري سهولتون ڏيڻ کانپوءِ هڪ ٻيو وڏو فيصلو
گهوٽڪي ۾ پوليو جو ڪيس ظاهر
وزيراعظم جو ٻن ڏينهن جو سعودي عرب جو دورو
صحت کاتي ۽ خاص ماڻهن جون مقرريون ۽ بدليون
ڀارتي ٽيم چيمپيئنز ٽرافي کيڏڻ لاءِ پاڪستان نه ايندي؟
ميرپور ساڪر واسڻ ناري پنهنجي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو
پريالي ويجهو پيرسن پراسرار نموني قتل
احمدپور ويجهو نوجوان کان موٽرسائيڪل ۽ ٻيو سامان ڦر
خانپور مهر ويجهو نوجوان مبينا طور آپگهات ڪري ڇڏيو
دادو شهر ۾ هٿياربندن هٿان نوجوان بيدردي سان قتل