ايلون مسڪ پاران يو ايس ايڊ بند ڪرڻ جو اعلان

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)آمريڪي صدر جي ڪابينا جي اهم ميمبر ايلون مسڪ چيو آهي ته يو ايس ايڊ نالي عالمي امدادي ادارو بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. خابرو اداري رائٽر اهڙي خبر ڏني آهي. يو ايس ايڊ دنيا جي ڪيترن ئي جنگ متاثر ۽ غربت جو شڪار علائقن ۾ امداد فراهم ڪندو آهي. ڊپارٽمينٽ آف گورنمينٽ ايفيشنسي (ڊي او جي اي) جي ٻن نمائندن کي يو ايس ايڊ جي خفيه حصن تائين رسائي نه ڏيڻ تي اداري جي ٻن سينئر آفيسرن کي نوڪري مان هٽايو ويو هو. ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ ايلون مسڪ چيو هو ته يو ايس ايڊ کي ٺيڪ نٿو ڪري سگهجي ان ڪري صدر ٽرمپ ان کي بند ڪرڻ جو چيو آهي. ياد رهي ته هي ادارو مختلف امدادي ادارن کي ملائي 1961 ۾ صدر جان ايف ڪينيڊي قائم ڪيو هو. 2023 ۾ هن اداري جي بجيٽ 72 ارب ڊالر هئي. جڏهن ته گڏيل قومن جي صحت، تعليم ۽ غربت جي خاتمي سميت مختلف امدادي ادارن کي 2024 جي ڊيٽا مطابق 42 سيڪڙو فنڊنگ فراهم ڪئي. يو ايس ايڊ جي خاتمي سان پوري دنيا ۽ خاص ڪري گڏيل قومن جي امدادي سرگرمينکي وڏو ڌچڪو لڳندو. ايلون مسڪ آمريڪي خزاني جي حساس معلومات تائين رسائي چاهي ٿو. آمريڪي ٽريزري هر سال 6 هزار ارب ڊالر جاري ڪندي آهي ۽ ان ۾ سوشل سيڪورٽي امداد حاصل ڪندڙن ۽ ٽيڪس ادا ڪندڙ ڪروڙين آمريڪين جي ڊيٽا موجود آهي. سينيٽ جي ناڻي واري ڪميٽي جي ڊيموڪريٽ ميمبر پيٽر ويلچ مسڪ کي رسائي ڏيڻ تي اعتراض واريو آهي ۽ وضاحت طلب ڪئي آهي. ايلون مسڪ خرچ گهٽائڻ لاءِ سوين سينيئر ڪامورن کي هٽائي ڇڏيو آهي ۽ پنهنجي وفادارن کي مقرر ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو