“ايل اين جي ڪيس” ليپ ٽاپ، گارين، تلخي جي دلچسپ ڪهاڻي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) احتساب عدالت اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي، مفاح اسماعيل ۽ عمران الحق کي 19 نومبر تائين جسماني رمانڊ تي نيب جي حوالي ڪري ڇڏيو. احتساب عدالت جي جج محمد بشير آڏو نيب وارن ايل اين جي ڪيس ۾ ٽنهي کي پيش ڪيو ۽ عدالت کي ٻڌايو ته ڪيس جي هن مهل تائين ٿيل جاچ ۾ ڪافي پيش رفت ٿي آهي ۽ هٿ آيل نون ثبوتن جي روشني ۾ وڌيڪ جاچ لاءِ سندن جسماني رمانڊ ڏنو وڃي. عدالت نيب جي درخواست منظور ڪري ڇڏي. ان کان اڳ شاهد خاقان عباسي جي ڀيڻ جج کي شڪايت ڪئي ته سندس گهر ڀاتين کي روڪيو ويو آهي، عدالت چيو ته جن جا نالا آهن انهن کي اچڻ ڏيو. ان دوران عدالتي ڪارڪن ۽ مصدق ملڪ ۾ تلخي ٿي ، ملازم جج چي چيو ته هن ڪچيون گاريون ڏنيون آهن، عدالت ملڪ کان پڇو ته هن چيو ته قرآن تي حلدف وٺو ته گاريون ڪنهن ڏنيون. شاهد خاقان عباسي جي وڪيل چيو ته جيل ۾ کيس ليڦ ٽاپ ڏيو جيئن هو ڪيس جي تياري ڪري سگهي، نيب جي وڪيل مخالفت ڪئي ته شاهد خاقان چيو ته نيب کي به ليپ ٽاپ ذريعي ريفرنس ٺاهڻ کان روڪيو وڃي. ان باري ۾ هن درخواست به ڏني. شاهد خاقان چيو ته مونکي پنجاب حڪومت تي ڀروسو ناهي نجي اسپتال مان ذاتي خرڄ تي علاج جي اجازت ڏيو ان لاءِ به هن درخواست جمع ڪرائي. عدالت جڏهن وڌيڪ رمانڊ ڏنو ته وڪيل اعتراض ڪيو ته 14 ڏينهن کان وڌيڪ رمانڊ ناهي ٿيندو، جج چيو ته ٿيندو آهي 14 جي لمٽ مئجسٽريٽ تي آهي. شاهد خاقان جي وڪيل بيريسٽر ظفرالله ڍيو ته عدالتي ڪاروائي براهه راست ڏيکاريو جيئن سڀني کي خبر پوي ته ڇا ٿي رهيو آهي. عدالت چيو ته اهو ممڪن ناهي ،لاهور هاءِ ڪورٽ منع ڪئي آهي. وڪيل چيو ته دنيا ۾ اها عام ڳالهه آهي. هوڏانهن لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ مريم نواز جي ضمانت بابت نيب پنهنجو جواب داخل ڪري ڇڏيو آهي. جسٽس علي باقر نجفي جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ آڏو مريم جي وڪيل کي چيو ته تيار آهيو ته اڄ ئي ڪيس ٻڌون، هن چيو سڀاڻي تياري ڪري ايندس، عدالت پڇو ته ڇا مريم والد سان ملي پئي سندس وڪيل ٻڌايو ته اجازت ملي آهي، اڄ ملاقات ڪندي.

پهنجو تبصرو موڪليو