ايمل ولي خان جي دهشتگردن جي ٻيهر آبادڪاري خلاف درخواست رد

پشاور (ويب ڊيسڪ) پشاور هاءِ ڪورٽ عوامي نيشنل پارٽي جي سربراهه ايمل ولي خان جي دهشتگردن جي ٻيهر آبادڪاري خلاف درخواست خارج ڪري ڇڏي. عدالت سينيٽر ايمل ولي خان طرفان دهشتگردن جي ٻيهر آبادڪاري خلاف داخل درخواست تي 6 صفحن تي ٻڌل لکت فيصلو جاري ڪري ڇڏيو. عدالت درخواست خارج ڪندي قرار ڏنو ته درخواستگذار بنيادي حقن جي ڀڃڪڙي جو ڪو ثبوت فراهم نه ڪيو، جڏهن ته پاليسي سازي حڪومت جو اختيار آهي ۽ رڳو غير مقبوليت جي بنياد تي ڪنهن حڪومتي پاليسي کي ڪالعدم قرار نٿو ڏئي سگهجي. فيصلي ۾ چيو ويو ته خيبر پختونخواهه ڪيترن ئي ڏهاڪن کان دهشتگردي جو شڪار آهي، هزارين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار ۽ شهري شهيد ٿي چڪا آهن، جڏهن ته صوبي کي اربين ڊالرن جو معاشي نقصان به ٿيو آهي. عدالت وڌيڪ چيو ته دهشتگردي سبب عالمي سطح تي ملڪ، خاص طور خيبر پختونخواهه جي ساک متاثر ٿي ۽ ڪيتريون ئي سياسي شخصيتون آپگهاتي حملن ۾ شهيد ٿيون. فيصلي ۾ چيو ويو ته درخواستگذار سينيٽر آهي، هو پارليامينٽ ۾ معاملو اٿاري سگهي ٿو ۽ جيڪڏهن کين خدشا آهن ته لاڳاپيل حڪومتي ادارن سان رابطو ڪن. عدالت درخواست غير اثرائتي قرار ڏئي خارج ڪري ڇڏي، جنهن ۾ ٽي ٽي پي کي ٻيهر آبادڪاري کان روڪڻ، عدالتي انڪوائري ڪرائڻ ۽ فيڪٽ فائنڊنگ ڪميٽي جوڙڻ جي اپيل ڪئي وئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو