ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي تھ پيلز بس سروس جا روٽ وڌايا پيا وڃن، پيپلز بس سروس جون نيون بسون اپريل تائين اچي وينديون، اسان جي ڪوشش ھوندي تھ پبلڪ پرائيوٽ پارٽنرشپ تحت اي وي بسز ھلايون تھ جيئن عوام کي بھتري ۽ سستي سفري سھولت سان گڏ ماحول جو تحفظ بھ ٿي سگھي. ڪراچي جي ڪورنگي واري علائقي ۾ يلو لائن بي آر تي جي بس ڊيپو جي تعميراتي ڪم جو جائزو وٺڻ بعد ميڊيا سان ڳالھائيندي سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ سنڌ سرڪار پاران يلو لائن بي آر ٽي منصوبي تي ڪم شروع ڪي ويو آھي، يلو لائن بي آر ٽي جي پھرئين حصي طور ڄام صادق پل تعمير ڪيو پيو وڃي، جڏھن تھ ٻئي حصي طور بس ڊيپو تعمير ڪيو پيو وڃي. ھن چيو تھ سنڌ سرڪار پاران عالمي معيار جو ٻھ ماڙ ڊيپو ٺاھيو پيو وڃي، اُن کان اڳ، ھي ڊيپو ھڪ ماڙ تي ٻڌل ھو، ھن ڊيپو ۾ ھڪ ٻي گنجائش بھ ڇڏي وئي آھي تھ جيئن ضرورت جي وقت ھڪ ٻي منزل ٺاھي سگھجي، يلو لائن بي آر ٽي منصوبو ٻن ورھين ۾ مڪمل ٿيندو، ھي منصوبو عالمي بينڪ جي سھڪار سان شروع ڪيو پيو وڃي. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ يلو لائن بي آر ٽي تي پھرين ڊيزل بسون ھلائڻ جو رٿيو ويو، ھاڻي اي وي بسون ھلائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي، اُن سلسلي ۾ ڊيپو ۾ چارجنگ سسٽم بھ لڳايو پيو وڃي، ھي ملڪي تاريخ جي پھرين بي آر ٽي ھوندي جيڪي اي وي بسن تي ٻڌل ھوندي، ھن سان ماڻھن کي سستي ۽ بھتري سفري سھولت ملندي. ھن چيو تھ اسان اي وي ٽيڪسيون ۽ بائيڪس بھ آڻي رھيا آھيون، اسڪيم تحت رائيڊرز کي اي وي بائڪس ڏنيون وينديون، جنھن سان ڪيترن ئي نوجوانن کي روزگار ملندو. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ ٽرانسپورٽ جي معاملي ۾ چيلنجز کي منھن ڏيڻ اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آھي، ٽرانسپورٽرز کي بھ گذارش آھي تھ اھي اي وي بسون آڻين. ھن چيو تھ ھن منصوبي تي جلد ڪم ٿي سگھي ٿو، ھن کي 2026 کان اڳ ۾ مڪمل ڪري سگھجي ٿو، اسان جي ڪوشش ھوندي تھ ھي منصوبو ھل سال اندر مڪمل ٿئي، شروعاتي طور تي ھن ڊيپو ۾ 346 بسون پارڪ ٿينديون، قبضي ھيٺ آيل ڊيپوز بھ خالي ڪرايا ويندا. ھڪ سوال جي جواب ۾ سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ پاڪستان جي اندروني مسئلن ۾ ڪنھن کي دخل اندازي نھ ڪرڻ گھرجي، عمران خان جي عالمي لابيئسٽ ڪم ڪري رھيا آھن، سندن ڪوشش آھي تھ عمران خان کي پڃري کان ٻاھر ڪڍيو وڃي، پڃري کان ٻاھر نڪرڻ جو فيصلو عدالتون ئي ڪنديون. ھڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ ھن چيو تھ ايم ڪيو ايم کي وفاقي حڪومت سان شڪايت آھي، اُن جي ڌمڪي کي سنجيدھ نھ وٺڻ گھرجي، مولانا فضل الرحمان کي بھ مدرسن واري بل جي حوالي سان وفاقي حڪومت سان رجوع ڪرڻ گھرجي. ھڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ گاڏين جي فٽنس جي معاملي تي ماڻھن کي پريشانين جو منھن ڏسڻو پئجي سگھي ٿو پر روڊ سيفٽي ءٌ ماحوليات جي تحفظ لاءِ ھي تمام اھم آھي، گاڏين جي فٽنس جو عمل پھرين ڊسمبر کان شروع ٿي چُڪو آھي. اُن کان اڳ سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ يلو لائن بي آر تي جو دورو ڪري تعميراتي ڪم جو جائزو ورتو، اُن موقعي تي بين الاقوامي ڪنسلٽنٽس سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ کي ڪم جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ پڻ ڏني.
190 ملين پائونڊ ريفرنس جو فيصلو محفوظ، 23 ڊسمبر تي ٻڌائڻ جو اعلان
حڪومتي اتحادين جا هڪ ٻئي مٿان تنقيد جا تير
عمر قيد ڪاٽي آزاد ٿيندڙ جوابدار جي اپيل ٻڌڻي لاءِ مقرر
حادثن جي روڪٿام لاءِ صبح 6 کان رات 11 وڳي تائين ڊمپرن تي پابندي
ڪمرشل ۽ نجي گاڏين جون نمبر پليٽون تبديل ڪرڻ جا حڪم
انساني اسمگلنگ ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي جو حڪم
گم ٿيل شهري ڪيس، ڇا پوليس اسٽيشن بند ڪريون،عدالت
ڏهاڪن تائين پاڪستان پناهگيرن جو ميزبان رهيو آهي: وزيراعظم
گوگل سرچ انجڻ ۾ هڪ مفيد فيچر متعارف ٿيڻ جو امڪان
ايم ڪيو ايم کي وفاق سان شڪايت آھي، ڌمڪي سنجيده ناهي
تعليمي اداري جو معيار ان جي ماحول جي عڪاسي ڪندو آهي، شاهه
سي اي او ۽ سي او او جو دورو،84 انچ لائن جو معائنو،عملي جي واکاڻ
لاڙڪاڻي جي خاندان جو شادي ۽ ساڳيو ڄم ڏينهن بابت عالمي رڪارڊ قائم
مورو ۾ نامعلوم هٿياربندن جي فائرنگ، پيش امام قتل
سنڌو مان 6 ڪئنال ڪڍڻ سنڌ ۾ شٽربند هڙتال، ڪاروباري مرڪز بند
ايف آءِ اي ڪارروائي، ڪرنسي مٽائڻ ۾ ملوث جوابدار گرفتار
فيض گنج ۾ پيار جو پرڻو ڪندڙ نوجوان جو گوليون لڳل لاش ھٿ
حڪومت ۽ مخالف ڌر کي ڳالهين ۾ پل جو ڪردار ادا ڪرڻ جي آڇ
ڀٽو ريفرنس، ٽرائل ڪورٽ ۽ اپليٽ عدالت تقاضا پورا نه ڪيا،جسٽس يحيٰ
سرڪاري اسڪولن کي آئوٽ سورس ڪرڻ خلاف داخل درخواست رد