ايم 6 موٽر وي ڪراچي کان سکر براسته حيدرآباد تعمير ڪرڻ تي اتفاق

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ وفاقي وزير مواصلات عليم خان وچ ۾ وزيراعليٰ هائوس ۾ ملاقات ٿي جنهن ۾ اتفاق ڪيو ويو ته ايم 6 موٽر وي حيدرآباد کان سکر نه پر ڪراچي کان سکر براسته حيدرآباد تعمير ڪئي ويندي. ٻنهي ڌرين خانگي ۽ سرڪاري پارٽنرشپ يا وفاقي-صوبائي ڪنسورشيم ذريعي موٽر وي جي تعمير جي امڪان تي پڻ غور ڪيو. وڏي وزير چيو ته سندس ٽيم امڪانن ۽ تعميراتي طريقي جو جائزو وٺندي. اهڙو اتفاق ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ خميس ڏينهن وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيندڙ ملاقات ۾ ٿيو. اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري سنڌ آصف حيدر شاهه، وڏي وزير جو سيڪريٽري رحيم شيخ، سيڪريٽري ورڪس محمد علي شيخ، وفاقي حڪومت جو وفاقي سيڪريٽري مواصلات علي شير محسود، چيئرمين نيشنل هاءِ وي اٿارٽي شهريار سلطان، ڊائريڪٽر حسن شاهه، ميمبر اين ايڇ اي سنڌ زون پرڪاش لهاڻو ۽ ميمبر ويسٽ زون بشارت شرڪت ڪئي. سکر-حيدرآباد موٽر وي 306 ڪلوميٽر ڊگهو ۽ 6 لين تي مشتمل هوندو. موٽر ويز جي تعمير جو مقصد تيز رفتار ٽرئفڪ ۽ محفوظ سفر کي يقيني بڻائڻ آهي. موٽر وي حيدرآباد کان شروع ٿي نارو ڪينال تي ختم ٿيندي. ملاقات دوران ان ڳالهه جي نشاندهي ڪئي وئي ته ڊسمبر 2022ع ۾ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت ايم 6 موٽر وي جي تعمير لاءِ هڪ خانگي ڪنسورشيم سان معاهدو ڪيو ويو هو پر ڪجهه سببن ڪري ان تي ڪم شروع نه ٿي سگهيو ۽ معاهدو رد ڪيو ويو. ان موقعي تي وفاقي وزير تجويز ڏني ته حيدرآباد کان سکر بدران ايم 6 موٽر وي ڪراچي کان سکر ذريعي حيدرآباد تعمير ڪئي وڃي ته جيئن بندرگاهه تي ٽريفڪ کي به سهولت ملي سگهي. وڏي وزير تجويز تي اتفاق ڪيو ۽ تعميراتي طريقيڪار تي غور ڪيو. ڳالهين دوران ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته ڪراچي کان سکر براسته حيدرآباد تائين ايم 6 موٽر وي پرائيويٽ ۽ پبلڪ سيڪٽر پارٽنرشپ ذريعي تعمير ڪئي ويندي. ان موقعي تي هڪ ٻي تجويز تي پڻ غور ڪيو ويو ته موٽر وي جي تعمير لاءِ صوبائي ۽ وفاقي حڪومتن وچ ۾ برابري جي ڀائيواري سان ڪنسورشيم قائم ڪيو وڃي. وڏي وزير چيو ته سندس ٽيم تجويز جو جائزو وٺندي ۽ پوءِ وفاقي وزارت مواصلات سان رابطو ڪندي. وڏي وزير وفاقي وزير مواصلات جي منظوري تي زور ڀريو ته لياري ايڪسپريس وي کي صوبائي حڪومت حوالي ڪيو وڃي ته جيئن ان کي ٽريفڪ لاءِ کوليو وڃي. وڏي وزير چيو ته صوبائي حڪومت 6 مهينن اندر لياري ايڪسپريس وي کي اپ ڊيٽ ڪري ان کي هيوي ٽريفڪ لاءِ کوليو ويندو. وفاقي وزير وڏي وزير کي جواب ڏنو ته سنڌ جو چيف سيڪريٽري ۽ مواصلات وارو وفاقي سيڪريٽري ملاقات ڪري لياري ايڪسپريس وي کي سنڌ حڪومت حوالي ڪرڻ جو طريقيڪار طئي ڪندو. وڏي وزير ۽ وفاقي وزير اين ايڇ اي ۾ التوا واري لنڪ روڊ انٽرچينج لاءِ اين او سي جي معاملي تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. وفاقي وزير چيو ته هن اجلاس کان اڳ ئي اين ايڇ اي جو اين او سي جاري ڪيو هو. اجلاس ۾ وڏي وزير نشاندهي ڪئي ته گهارو کان ڪيٽي بندر تائين 90 ڪلوميٽر ڊگھي روڊ جو ڪم 2015 ۾ شروع ٿيو هو پر پندرهن سال گذرڻ باوجود اڃا تائين ڪم مڪمل نه ٿي سگهيو آهي. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته 90 ڪلوميٽرن مان گهارو کان باغن شهر تائين 59 ڪلوميٽرن تي ڪم مڪمل ڪيو ويو آهي. باغن کان ڪيٽي بندر تائين باقي 31 ڪلوميٽر اڃا مڪمل ٿيڻو آهي. ان موقعي تي سيڪريٽري مواصلات وڏي وزير کي ٻڌايو ته باقي ڪم لاءِ ٽينڊر جاري ڪيا ويا آهن ۽ جلد ڪم شروع ڪيو ويندو. اجلاس ۾ ٺٽي کان ڪينجهر روڊ جي حال ۾ تعمير ٿيل اين ايڇ جي حالت تي به غور ويچار ڪيو ويو، سيڪريٽري ورڪس محمد علي کوسا ٻڌايو ته گذريل برساتن کانپوءِ روڊ مختلف هنڌن وٽان ٽٽل آهي. چيئرمين اين ايڇ اي وڏي وزير کي ٻڌايو ته هن معاملي جي جاچ جو حڪم ڏنو آهي. وڏي وزير وفاقي وزير کي تجويز ڏني ته ٺٽي کان ڪوٽڙي روڊ کي صوبائي حڪومت حوالي ڪيو وڃي ۽ هو پاڻ ٺاهيندا، جنهن تي وفاقي وزير چيو ته صوبائي حڪومت جيڪي به شاهراهون ٺاهڻ چاهي ٿي ان جي اجازت ڏني ويندي. سنڌ جو چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه ۽ وفاقي وزير مواصلات ان معاملي تي ڳالهه ٻولهه ڪري پاليسي موجب فيصلو ڪندا. وڏي وزير چيو ته گهوٽڪي ڪنڌڪوٽ پل جي منصوبي تي ڪم جاري آهي. ٿل لنڪ روڊ جي تعمير لاءِ اين ايڇ اي کان اين او سي گهربل آهي، جنهن تي وفاقي وزير چيو ته اين ايڇ اي اين او سي جاري ڪري ڇڏيو آهي. وڏي وزير سيوهڻ ڄامشورو روڊ تي ڪم التوا هيٺ وارو معاملو اٿاريو ته وفاقي وزير يقين ڏياريو ته ان تي ڪم مارچ 2025ع تائين مڪمل ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو