ايندڙ سالن ۾ دنيا ۾ ايٽمي هٿيارن ۾ واڌ جو امڪان

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)اسٽاڪ هوم انٽرنيشنل پيس ريسرچ انسٽيٽيوٽ (ايس پي آر آءِ) پاران جاري ڪيل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته سرد جنگ جي خاتمي کان پوءِ پهريون ڀيرو ايندڙ ڪجهه سالن ۾ دنيا ۾ ايٽمي هٿيارن ۾ واڌ جو امڪان آهي.يوڪرين ۾ روس جي جنگ سبب ايٽمي هٿيارن جي ڦهلاءَ جو خطرو وڌي ويو آهي، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ايندڙ ڏهاڪي ۾ ايٽمي هٿيارن جي ڦهلاءَ جو امڪان آهي.2022 جي شروعات تائين، نو ايٽمي طاقتن وٽ 12,705 ايٽمي هٿيار هئا، جڏهن ته 1986 ۾ 70,000 کان وڌيڪ ايٽمي هٿيار هئا.رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته آمريڪا ۽ روس سرد جنگ جي خاتمي کان وٺي پنهنجي ايٽمي هٿيارن ۾ آهستي آهستي گهٽتائي ڪئي آهي. ايس پي آر جي رپورٽ موجب 2022 جي شروعات تائين روس 5 هزار 977 ايٽمي هٿيارن سان پهرين نمبر تي آهي، آمريڪا 5 هزار 428 ايٽمي هٿيارن سان ٻئي نمبر تي آهي، چين 350 ايٽمي هٿيارن سان ٽئين نمبر تي آهي ۽ فرانس 350 ايٽمي هٿيارن سان ٽئين نمبر تي آهي. چوٿين نمبر تي 290 هٿيارن سان گڏ آهي

پهنجو تبصرو موڪليو