نيويارڪ (ويب ڊيسڪ)هاڻ اوهان پنهنجي سمارٽ فون جي لاڪ اسڪرين تي به گهڻو ڪجهه ڪري چڪا آهيو ۽ گوگل جو آرٽيفيشل انٽيليجنس (اي آءِ) اسسٽنٽ جيمينائي اوهان جي مدد ڪندو.گوگل طرفان جيمينائي کي اپڊيٽ ڪيو ويو آهي جنهن کانپوءِ اينڊرائيڊ واهپيدار فون کي ان لاڪ ڪرڻ کان بغير جيمينائي ايڪسٽينشنز ۽ ٻين اي آءِ فيچرز تائين رسائي حاصل ڪري سگهندا. جيمينائي جي ان لاڪ ورزن تائين رسائي لاءِ اوهان کي ”هاءِ گوگل“ چئي فيچر کي ايڪٽيويٽ ڪرڻ لاءِ لفظ چوڻا پوندا يا سيٽنگز ۾ وڃي ايڪٽيويٽ ڪرڻو پوندو. ان کان اڳ جيمينائي استعمال ڪرڻ لاءِ ڊيوائس کي ان لاڪ ڪرڻو پوندو هو. اينڊرائيڊ فون کي ان لاڪ ڪرڻ بنا ڪالز ڪرڻ يا ميسيجز موڪلڻ هاڻي ممڪن ٿي ويندو. پر هاڻي ان جي ضرورت نه پوندي، اوهان فون ان لاڪ ڪرڻ کانسواءِ ئي پنهنجو ڪم ڪري سگهو ٿا. ها، پر ان فيچر تحت اوهان ٻين ايپس جهڙوڪ ڪيلنڊر ۽ اي ميلز ذريعي ذاتي معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ جيمينائي جو استعمال نٿا ڪري سگهو. ان مقصد لاءِ فون کي ان لاڪ ڪرڻ ضروري هوندو. ان فيچر بابت رپورٽون ڊگهي عرصي کان گردش ڪري رهيون هيون. ڊسمبر 2024 ۾ نائين ٽو فائيو گوگل جي هڪ رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو هو ته جلد ئي واهپيدار جيمينائي جي مدد سان فون کي ان لاڪ ڪرڻ کان سواءِ ئي ڪال ڪري يا ٽيڪسٽ ميسيج موڪلي سگهن ٿا. ان اپڊيٽ جو مقصد جيمينائي ايپ ذريعي روزمره جي ڪمن کي فون ان لاڪ ڪرڻ کانسواءِ آسان بڻائڻ آهي. هن وقت هي فيچر محدود واهپيدارن لاءِ متعارف ڪرايو ويو آهي، جنهن کي هاڻي جيمينائي ايڪسٽينشنز ذريعي وڌيڪ بهتر بڻايو ويو آهي.
ڪشمير خاطر ٽي جنگيون وڙهيون، 10 وڌيڪ وڙهڻيون پيون ته وڙهنداسين
اينڊرائيڊ واهپيدارن لاءِ گوگل جيمنائي جو دلچسپ فيچر متعارف
چيني صدر سان زرداري جي ملاقات، سي پيڪ منصوبن ۾ تيزي تي ڳالهيون
ڪشمير مسئلو ڪنهن جنگ يا ڏاڍ سان حل نه ٿيندو
پاڪستان ۾ هر 25هون شهري هيپاٽائٽس سي جو شڪار
عام ماڻهو لاءِ علاج مهانگو، دوائن جي اگهن ۾ 200 سيڪڙو کان وڌيڪ واڌ
حڪومت ڪپهه جي پيداوار بحال ڪرڻ لاءِ فوري قدم کڻي،مطالبو
چڙيا گهر لاءِ ايندڙ وقت ۾ غير مقامي جانور خريد نه ڪرڻ جو حڪم
آءِ جي سنڌ پاران ڏوهارين خلاف آپريشن تيز ڪرڻ جي هدايت
وڪيلن ۽ ڊي آءِ جي وچ ۾ ڳالهيون ڪامياب، جاري ڌرڻو ختم
شرجيل جي چيني مينوفيڪچرز سان ملاقات، سيڙپڪاري جي دعوت
پاڪستان سميت دنيا ۾ ڪشميرين سان ٻڌي جو ڏينهن ملهايو پيو وڃي
ٽرمپ پاران غزه پٽي تي ڊگھي عرصي تائين قبضي ڪرڻ جو اعلان
جسٽس صلاح الدين پنهور سنڌ هاءِ ڪورٽ جو سينئر ترين جج مقرر
ڪشميري عوام جون قربانيون رائيگان نه ويندو : مراد شاهه
لنجار جي سکر آمد،ڪچي ۾ امن امان جي صورتحال جو جائزو ورتو
شرجيل پاران پرنس ڪريم جي وفات تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار
صدر ۽ وزيراعظم پاران ڪشميرين جي حمايت جاري رکڻ جو عزم
چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف جو ڪشميري عوام کي خراج تحسين
عالمي برادري تي دٻاءُ وجهي ته ڪشميرين کي پنهنجو فيصلو پاڻ ڪرڻ ڏئي