حيدرآباد:(ن س) حيدرآباد ۾ ايوان زراعت سنڌ سنڌو درياھ تي چولستان ڪئنال سميت سمورن ڇھن ئي ڪئنالن ۽ گرين پاڪستان ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف احتجاجي مارچ ڪري پرزور نعريبازي ڪئي، ايوان زراعت سنڌ جي مرڪزي صدر سيد زين العابدين شاھ جي قيادت ۾ اولڊ ڪئمپس کان پريس ڪلب تائين مارچ ڪيو ويو جنهن ۾ وڏي انگ ۾ آبادگارن شرڪت ڪئي، مارچ ۾ مختلف ضلعن مان آيل آبادگارن سنڌو درياھ تي ڪئنال ٺاھڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف سخت نعريبازي ڪئي مارچ کي خطاب ڪندي ايوان زراعت سنڌ جي صدر سيد زين العابدين شاهه چيو ته سنڌو درياھ تي چولستان ڪئنال سميت ڪوبه ڪئنال قبول ناھي، سنڌو درياھ تي ڪئنال ٺاھڻ جو مقصد سنڌ کي بنجر بڻائڻ آھي هن چيو ته سنڌو درياھ سنڌ جي صدين جي تاريخ، تھذيب، تمدن، ثقافت، ٻولي ۽ جيئاپو آھي، وفاقي سرڪار ھوڏ تان نه لٿي ۽ زبردستي ڪئنال ٺاھيا ته سنڌ جا ڪروڙين ماڻھو سخت مزاحمت ڪندا، عالمي، ملڪي ۽ بنيادي انساني حقن جي قانون تحت پاڻي تي پھريون حق پوچڙي وارن جو آھي. زين العابدين شاهه چيو ته وفاق پنھنجي ھوڏ تان نه لٿو ۽ زبردستي ڪئنال ٺاھيا ويا ته سنڌ جا ڪروڙين ماڻھو سخت مزاحمت ڪندا هن وقت سنڌ جا ماڻھو پنھنجي وجود جي بقا جي جنگ وڙھي رھيا آھن. ڪئنالن جي خاتمي تائين جيئاپي جي جنگ جاري رھندي احتجاجي مارچ ۾ شريڪ ايوان زراعت سنڌ جي جنرل سيڪريٽري زاهد حسين ڀرڳڙي چيو ته سنڌ ھن وقت پاڻي جي تاريخي کوٽ کي منھن ڏئي رھي آھي، منگلا ۽ تربيلا ڊيم ۾ پاڻي جي سطح ڳڻتي جوڳي ٿي وئي آھي، اسان کي سنڌو درياھ تي ڪوبه ڪئنال قبول ناھي، وفاقي سرڪار فوري طور ڪئنال ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جون رٿائون واپس وٺڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري.
