نيويارڪ (ويب ڊيسڪ)هن وقت تائين ڪيئي ئي ڪمپنيون فولڊ ايبل فون تيار ڪري چڪيون آهن، پر ايپل اڃا تائين ڪو به فولڊ ايبل آءِ فون پيش نه ڪيو آهي. ھاڻي ھڪ رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ايپل جو پهريون فولڊ ايبل آءِ فون ڪيستائين متعارف ٿي سگهي ٿو.ايپل بابت مستند ليڪس ڌيندڙ مشهور تجزيي نگار ڪار منگ چي ڪيو موجب، ڪمپني 2026 جي آخر يا 2027 جي شروعات ۾ پنهنجو پهريون فولڊ ايبل آءِ فون متعارف ڪرائڻ جي رٿابندي ڪري رهي آهي. هن ٻڌايو ته ايپل جو اِهو فولڊ ايبل آءِ فون ”بڪ اسٽائيل“ هوندو، جنهن کي واهيپدار ڪنهن ڪتاب وانگر کولي يا بند ڪري سگهندا. فولڊ ٿيڻ تي ان جي اسڪرين 5.5 انچ هوندي، جڏهن ته کولڻ جي صورت ۾ 7.8 انچ ٿي ويندي. تجزيي نگار موجب ان آءِ فون جي قيمت 2000 کان 2500 ڊالر جي وچ ۾ ٿي سگهي ٿي. ايڏي جي مهانگي هجڻ باوجود، تجزيي نگار جو خيال آهي ته هي فون وڪرو جا نوان رڪارڊ قائم ڪندو. ياد رهي ته ايپل اڃا تائين ڪا به فولڊ ايبل ڊيوائس تيار ناهي ڪئي، جڏهن ته ڪيترن ئي سالن کان فولڊ ايبل آءِ فون يا آءِ پيڊ جي تياري بابت رپورٽون سامهون اينديون رهيون، پر ڪمپني کي مختلف مسئلن سبب ڪم روڪڻو پيو. ڊسمبر 2024 ۾ بلومبرگ جي هڪ رپورٽ ۾ به چيو ويو هو ته ايپل سڀ کان پهرين ”بڪ اسٽائيل“ فولڊ ايبل فون پيش ڪندو. رپورٽ موجب، هي فولڊ ايبل آءِ فون لچڪدار او ايل ايِ ڊي ڊسپلي سان ليس هوندي، جنهن هزار دفعا کولڻ ۽ بند ڪرڻ تي به نقصان نه پهچندو. ان ۾ طاقتور نئون پراسيسر ۽ بهترين ڪئميرا سسٽم پڻ شامل هوندو.
