ايڊووڪيٽ ڪرنل (ر) انعام الرحيم جي آزادي وارو فيصلو معطل

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ ڪرنل رٽائرڊ انعام الرحيم کي آزاد ڪرڻ جو لاهور هاءِ ڪورٽ وارو حڪم معطل ڪري ڇڏيو آهي. سپريم ڪورٽ ۾ ڪرنل (ر) انعام الرحيم جي آزادي خلاف وفاقي حڪومت جي اپيل تي ٻڌڻي ٿي گذري. اٽارني جنرل عدالت ۾ پيش ٿي دليل ڏنا ته انعام الرحيم عملي طور جاسوسي ڪندو رهيو آهي هو اڪيلو نه پر ان سان گڏ سڄو نيٽ ورڪ آهي. هن آءِ ايس آءِ ۽ جوهري پروگرام سميت حساس معاملن سميت آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي خلاف ورزي ڪئي آهي. ان جي نيٽ ورڪ جا ڪيترائي ماڻهو گرفتار ٿي چڪا آهن جنهن مان هڪ کي ڦاهي به ڏني وئي آهي. جڏهن ته ڪجهه ماڻهو اڃا گرفتار ڪيا ويندا ملاقات دوران انهن کي پنهنجي گهروارن سان ملاقات جي به اجازت ناهي. سپريم ڪورٽ حڪم ڏنو ته انعام الرحيم خلاف مواد موجود آهي ان کي نظر ۾ رکندي تحقيقات مڪمل ٿيندي ئي انعام الرحيم کي قانوني معاونت فراهم ڪئي وڃي. انعام الرحيم جي وڪيل طارق اسد دليل ڏيڻ لاءِ مهلت گهري جنهن تي سپريم ڪورٽ ان کان لکت ۾ جواب طلب ڪندي ٻڌڻي ايندڙ هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي. ياد رهي ته ايڊووڪيٽ انعام الرحيم گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي ۽ هٿياربند فوج جي انتظامي حڪمن خلاف ڪيتريون ئي درخواستون داخل ڪيون آهن. ان سان گڏ هو جنرل هيڊ ڪوارٽرز راولپنڊي حملي ۽ نيوي جي آفيسرن سميت ٻين ماڻهن جي سزا حوالي سان ٿيندڙ هاءِ پروفائيل ڪورٽ مارشل خلاف داخل ڪيل درخواست جو به وڪيل آهي. ايڊووڪيٽ انعام الرحيم کي نامعلوم ماڻهن عسڪري 14 مان ان جي رهائشگاهه کان حراست ۾ ورتو ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو