’فوج، عدليه ۽ بيورو ڪريسي، ملازمت جي مدي ۾ واڌ غلط آهي‘

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته ايڪسٽينشن جو عمل فوج سميت هر اداري ۾ غلط آهي جيڪڏهن اهو حق آهي ته پارليامينٽ کي به ايڪسٽينشن جو حق آهي، اسان کي ياد آهي ته ڪهڙي طرح هٿ موڙي هڪ آرمي چيف جي مدي ۾ واڌ ڪرائي وئي. قومي اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ۾ هن چيو ته پارليامينٽ ميمبرن سان پيش ايندڙ واقعي جي مذمت ڪريان ٿو. ساٿين جا پروڊڪشن آرڊر جاري ڪرڻ تي اسپيڪر کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو پر حق ته اهو هو ته انهي واقعي کان پوءِ ايوان کي 3 ڏينهن لاءِ بند ڪيو وڃي ها. هن چيو ته اڄ ڪي پي ڪي ۾ پوليس ڌرڻو هنيو آهي، لکي مروت، بنون، ڊيرا اسماعيل خان ۾ پوليس احتجاج تي آهي، جيڪڏهن پوليس فرض ادا ڪرڻ ڇڏي ڏنا ته ملڪ جو ڇا ٿيندو؟ هن چيو ته ادارا ۽ ادارن جا وڏا پنهنجي ايڪسٽينشن جي لاءِ فڪرمند آهن ملڪ لاءِ نه. ايڪسٽينشن جو عمل فوج سميت هر اداري ۾ غلط آهي جيڪڏهن اهو حق آهي ته پارليامينٽ کي به ايڪسٽينشن جو حق آهي، اهي روايتون صحيح نه آهن اسان اپوزيشن ۾ آهيون، غلط روايت جي بنياد نه وجهنداسين اڄ پارليامينٽ ۾ ويهي اسان ڪنهن جي ايڪسٽينشن جي تائيد ڇو ڪريون؟ مولانا فضل الرحمان چيو ته اسان کي مڃڻ گهرجي ته اسان جو عدالتي نظام مدي خارج ٿي چڪو آهي جنهن کي ختم ڪريو ۽ پارليامينٽ کي مضبوط بنايو. عدالتون سياسي ڳڙهه بڻجي چڪيون آهن ڪا عدالت ڪنهن کي سپورٽ ڪري ٿي ڪا ڪنهن کي. حڪومت کي چوندس عدالتي نظام ۾ اصلاحات آندي وڃي، اپوزيشن سان ملي اصلاحات آنديون ويون. هن واضح ڪيو ته فوج ۽ عدليه ۾ معيار هڪ جهڙو آندو وڃي اسان کي ياد آهي ته ڪهڙي طرح هٿ موڙي هڪ آرمي چيف جي ملازمت ۾ واڌ ڪرائي وئي. جي يو آءِ سربراهه چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ 60 هزار کان وڌيڪ ڪيس ٻڌڻي هيٺ پيل آهن ڇا اهو نٿو ٿي سگهي ته آئيني معاملن لاءِ ڌار عدالتون ٺاهيون وڃن؟ اڄ ملڪ ۾ انگريزن جي دور جو عدالتي نظام هلي رهيو آهي، اعتماد کي بحال ڪرڻو پوندو ۽ پارليامينٽ کي سپريم بنائڻو پوندو. هن چيو ته اڄ ڪابه ڳالهه ڪريو ته اها عدالت جي توهين ٿي ويندي آهي، بلوچستان تي ڳالهايو ته ايجنسيون اچي وينديون آهن. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق چيو ته اهو ته اسان جي آئين ۾ لکيل آهي ته اسان فوج ۽ عدليه جي خلاف نٿا ڳالهائي سگهون پر منهنجي پارليامينٽريز کي پارليامينٽ مان گرفتار ڪرڻ جي اجازت نه هجڻ گهرجي. مولانا فضل الرحمان وڌيڪ چيو ته چيف جسٽس جي لاءِ پارليامينٽ ۽ جوڊيشل ڪونسل جو اجلاس ٿيڻ گهرجي. عدالتي اصلاحات ٿيڻ گهرجي، اپوزيشن کي اعتماد ۾ وٺي اصلاحات ٿيڻ گهرجي.هن چيو ته 19هين ترميم لاءِ پارليامينٽ کي بليڪ ميل ڪيو ويو، 19هين آئيني ترميم لاءِ هڪ جج پارليامينٽ کي بليڪ ميل ڪيو. 19 آئيني ترميم کي ختم ٿيڻ گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو