ايڪسچينج ۾ انڊيڪس بلند ترين سطح 95 هزار 278 رهي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج گذريل ڪاروباري هفتي جي تازه ڪاري جاري ڪري ڇڏي آهي.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروباري هفتي ۾ مثبت رجحان رهيو جتي 100 انڊيڪس 1471 پوائنٽن جي واڌ سان 94 هزار 763 تي بند ٿيو.اسٽاڪ مارڪيٽ جو 100 انڊيڪس سڄي هفتي دوران 2385 پوائنٽس جي بينڊ ۾ رهيو.ڪاروباري هفتي دوران 100 انڊيڪس جي بلند ترين سطح 95 هزار 278 جڏهن ته هيٺين سطح 92 هزار 893 هئي.اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ هڪ هفتي دوران 5 ارب 15 ڪروڙ شيئرز جو ڪاروبار ٿيو، جڏهن ته هڪ هفتي ۾ 193 ارب رپين جو واپار ٿيو.مارڪيٽ سرمائيداري هفتي دوران 229 بلين رپيا وڌي 12,206 ارب رپيا ٿي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو