ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ ايڪس جي بندش بابت ڪيس ۾ پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي. ايڪس بند ڪرڻ واري معاملي تي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پي ٽي اي طرفان گهرو وزارت جي نوٽيفڪيشن واپس وٺڻ واري بيان تي نظرثاني جي درخواست ڪئي وئي. چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ پي ٽي اي جي موقف جي تبديلي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي پڇاڻو ڪيو ته اها پروفيشنل بدانتظامي هئي يا غلط بياني؟ توهان کي اهي هدايتون ڪنهن ڏنيون، نالو ٻڌاءِ، اسان کي پڪ آهي ته هدايتون جاري ڪيون ويون هونديون.چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ چيو ته ان موقعي تي ڊپٽي اٽارني جنرل به خاموش رهيو، ان معاملي تي پي ٽي اي جي چيئرمين کي به طلب ڪري سگهجي ٿو، ان تي توهين عدالت جي ڪارروائي ڪنداسين،چيف جسٽس پي ٽي اي جي وڪيل کي مخاطب ٿيندي چيو ته فيصلو اوهان تي آهي ته ڪارروائي وڪيل جي خلاف آهي يا اداري خلاف، جنهن تي ڊپٽي اٽارني جنرل چيو ته غير ارادي غلطي ٿي آهي، دٻاءُ سبب ڪارروائي ڪئي وئي. ڪيسن جي دٻاءُ سبب هڪ غلط فهمي ٿي،سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته هي انساني غلطي ناهي، پي ٽي اي جا وڪيل خاموش ٿي سگهن ٿا، توهان کي ڪنهن نه پڇيو، توهان اهو بيان پاڻ ڏنو، پي ٽي اي جا ٻيا وڪيل چئي رهيا هئا ته اهڙي ڪا به هدايت ناهي ملي تنهن هوندي به توهان پنهنجي بيان تي قائم آهيو.سنڌ هاءِ ڪورٽ پي ٽي اي جي وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا توهان چاهيو ٿا ته عدالت حڪم تي نظرثاني ڪري؟ جيڪڏهن نظر ثاني جي درخواست جي ٻڌڻي ساڳئي بينچ ڪئي جنهن آرڊر ڏنو، ڊپٽي اٽارني جنرل چيو ته درخواست آرڊر واپس وٺڻ يا تبديل ڪرڻ جي آهي.عدالت چيو ته اسان آرڊر واپس وٺي رهيا آهيون ۽ نه ئي ترميم ڪري رهيا آهيون، عدالت پي ٽي اي جي درخواست کي ٻين درخواستن سان ضم ڪندي ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 24 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
سياست جو حقيقي مفهوم ۽ اسان جي ملڪ جي سياست
سنڌيار سکر 19 سيپٽمبر 2024ع
سنڌيار ڪراچي 19 سيپٽمبر 2024ع
فوڊ اٿارٽي جون ڪاروايون،466 ڇاپن دوران دڪان،بيڪريون سيل ،ڏنڊ
نمبر پليٽس جي لاءِ آن لائن ٻولي ڏيڻ وارو عمل جلد شروع ڪيو ويندو
بلاول سان پ پ لائرز فورم جي ملاقات،آئيني ترميمن بابت بحث
آئيني ترميم تي حڪومت جو تيار ڪيل مسودو مڪمل طور تي رد ڪيو
190 ملين پائونڊ ڪيس، ٽرائل ڪورٽ کي حتمي فيصلو نه ٻڌائڻ جو حڪم
جي يو آءِ انٽرا پارٽي ڪيس، 2 مهينن جو وقت گهرڻ تي فيصلو محفوظ
سي ٽي ڊي مقابلو، 3 دهشتگرد پنهنجن ساٿين جي فائرنگ ۾ مارجي ويا
جماعت اسلامي پاران 50 رپيا في لٽر پيٽرول گهٽ ڪرڻ جي گهر
واهي پانڌي ۾ ٻن ڌرين جي فائرنگ، عورت قتل، لاش رکي ڌرڻو
آرمي چيف ۽ ججز جي ملازمت واري مدي ۾ واڌ نه ٿيڻ گهرجي
سينيٽ مڪمل ناهي، ترميمون ڪيئن منظور ٿينديون؟ خان
ڪراچي جي روڊن جي مرمت لاءِ اڍائي ارب رپين جي منظوري
سيڪيورٽي مسئلو آهي ته ڪراچي ۾ جلسن تي پابندي لڳايو
لاهور جلسي جون تياريون جاري آهن: گنڊاپور
پنجاب واسين سان دوکو،سنگل فيز ميٽر وارن کي بجلي رعايت ملڻ لڳي
پاڪستاني بيلسٽڪ ميزائل پروگرام جي حمايت نه ڪنداسين: آمريڪا
ايڪسچينج ۾ تيزي، انڊيڪس ۾ 542 پوائنٽس جو اضافو