اي آءِ ذريعي تيار ڪيل دنيا جي پهرين اخبار

ميلان(ويب ڊيسڪ) اٽلي ۾ پهريون ڀيرو هڪ اخبار مڪمل طور تي آرٽيفيشل انٽيليجنس يعني اي آءِ جي مدد سان تيار ڪري مارڪيٽ ۾ وڪري لاءِ پيش ڪيو ويو. اِلفوگليو نالي هي اخبار 4 صفحن تي مشتمل آهي ۽ 18 مارچ تي شايع ڪئي وئي. اخبار ۾ شايع ٿيل سڀ خبرون، مضمون، ايڊيٽوريل وغيره اي آءِ کي ڪمانڊ ڏئي ان کان تيار ڪرايا ويا. اخبار جي ايڊيٽر ڪلاڊيو ڪريسا جو چوڻ آهي ته هي دنيا جي پهرين اخبار آهي جيڪا مڪمل طور تي اي آءِ ذريعي تيار ڪئي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو