اي اين ايف جي ڪارروائي، 2 ڪلو آئيس، 20 ڪلو حشيش هٿ

ڪوئٽه (ويب ڊيسڪ)اينٽي نارڪوٽڪس فورس ڪوئيٽا ۽ پسني ۾ ڪارروائين کان پوءِ حشيش ۽ آئيس هٿ ڪئي.اينٽي نارڪوٽڪس فورس جي ترجمان موجب، بلوچستان جي صوبائي گادي واري هنڌ ڪوئيٽا ۾ بليلي روڊ تي هڪ شڪي شخص کان 2 ڪلو آئس هٿ ڪئي وئي آهي. ترجمان چيو ته بلوچستان جي ساحلي شهر پسني ۾ ڪوسٽل هاءِ وي ويجهو 20 ڪلوگرام چرس هٿ اچڻ کان پوءِ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو