پشاور: (ويب ڊيسڪ) آرمي پبلڪ اسڪول سانحي جي اڄ 10 ورسي ملهائي پئي وڃي. 16 ڊسمبر سال 2014 تي امن ۽ تعليم جي دشمنن آرمي پبلڪ اسڪول تي حملو ڪيو، دهشتگرد اسڪول جي پٺئين رستي کان صبح جو 10 وڳي عمارت ۾ داخل ٿيا، انهي وقت اٺين، نائين ۽ ڏهين ڪلاس جا شاگرد آڊيٽوريم ۾ تربيت ۾ مصروف هئا.دهشتگردن هال ۾ داخل ٿيندي ئي انڌاڌنڌ فائرنگ شروع ڪري ڏني ۽ اي پي ايس جي ڀتن کي رت سان رڱي ڇڏيو، دهشتگردن جي فائرنگ سبب پرنسپل، استادن، شاگردن ۽ ٻئي عملي سميت 140 کان وڌيڪ ماڻهو شهيد ٿي ويا.سيڪيورٽي فورسز جي جوانن ڀرپور ڪارروائي ڪندي دهشتگردن کي انهن جي انجام تائين پهچايو. اي پي ايس سانحي دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ ارادا مضبوط ڪيا. نيشنل ايڪشن پلان جوڙيو ويو جنهن سان قبائلي علائقن مان دهشتگردي جو خاتمو ممڪن ٿيو.جنهن کان پوءِ اي پي ايس حملي ۾ ملوث 6 دهشتگردن کي سيڪيورٽي فورسز گرفتار ڪيو جن کي ملٽري ڪورٽس موت جون سزائون به ٻڌايون. آرمي پبلڪ اسڪول سانحي کي 10 سال ته گذري ويا پر انهي افسوسناڪ واقعي جون يادون اڄ به دلين ۾ زنده آهن.اي پي ايس سانحي جي ياد ۾ اڄ لاهور ۽ جاڙن شهرن ۾ تعليمي ادارا بند آهن جڏهن ته گجرات ۽ سيالڪوٽ ۾ به تعليمي ادارن کي بند رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
اسٽيٽ بئنڪ پاران وياج جي شرح ۾ 2 سيڪڙو گهٽتائي جو اعلان
نواب ولي محمد ۾ پوليس ڪارروائي، جوابدارگرفتار، چرس هٿ
ميهڙ ۾ پلال کي لڳل باهه مان هڪ شخص جو لاش هٿ
پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ ممڪن ناهي، عدليه ٽرڪ جي بتي پويان لڳائي وئي آهي
اي پي ايس سانحو ملڪي تاريخ جو ڪارو ترين ڏينهن آهي: بلاول
حڪومت ۽ پي ٽي آءِ وچ ۾ ڳالهين جو ڪوبه فائدو نه ٿيندو: شيخ رشيد
اي پي ايس سانحي کي 10 سال گذري ويا، ورسي اڄ ملهائي پئي وڃي
جي ايڇ ڪيو ڪيس، شيرين سميت 9 جوابدارن تي فرد جرم لاڳو
دهشتگردي جو مڪمل خاتمو ئي امن ۽ ترقي جو ضامن آهي : شاهه
پوليو خلاف مهم جو افتتاح،اين ايف سي وڌندو آهي گهٽ نه ٿو ڪري سگهجي
پارليمان جا اجلاس اڄ ٿيندا،اهم بل پيش ڪرڻ جا امڪان،ايجنڊا جاري
حڪومت معيشت کي ڊجيٽلائيز ڪرڻ جي ڪوشش ڪري پئي: شزيٰ فاطمه
ڪرڪ ۾ پوليو ٽيم تي حملو، 2 اهلڪار شهيد، ٻيو زخمي
پرڏيهي آفيس ترجمان ممتاز زهرا فرانس ۾ سفير مقرر
ايراني ڳائڻي حجاب کانسواءِ پرفارم ڪرڻ تي گرفتار
هنڊريڊ انڊيڪس1 لک 16 هزار جي حد ٽپي ويو
اين اي 241 ڌانڌلي ڪيس، اليڪشن ڪميشن جو فيصلو معطل
اهم فيصلن کان باخبررکڻ تي استيعفيٰ ڏني،گلپسي
پي ٽي آءِ ۾ ڪوبه خوف ۽ اختلاف ناهي،شوڪت يوسفزئي
اي پي ايس شهيدن قوم کي دهشتگردي جي لعنت خلاف متحد ڪيو