اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وفاقي گهرو وزير محسن نقوي آرمي پبلڪ اسڪول پشاور جي شهيدن جي ورسي جي موقعي تي پنهنجو خاص پيغام جاري ڪيو آهي.محسن نقوي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته بدترين دشمن 16 ڊسمبر تي معصوم ٻارڙن ۽ معصوم استادن کي ناحق شهيد ڪيو، اهو ڏينهن اسان جي ان عزم جو مظهر بڻجي ويو آهي ته دهشتگردي خلاف جنگ جاري رکنداسين.هن چيو ته ٻارن ۽ استادن پنهنجي قيمتي رت سان پرامن پاڪستان جو بنياد رکيو،وحشي دهشت گردن ننڍڙن گلن کي گوليون هڻي وحشياڻو تشدد ڪيو. وفاقي گهرو وزير چيو آهي ته اي پي ايس جا شهيد اڄ به قوم جي دلين ۾ زنده آهن، پاڪ سرزمين بزدل دشمن لاءِ تنگ ڪئي وئي آهي.هن چيو ته اي پي ايس جي شهيدن دهشتگردي جي خاتمي لاءِ قوم کي متحد ڪيو، سندن قربانيون پاڪستان جي هر فرد جي دل ۾ هميشه زنده رهنديون، شهيد ٻارڙا ۽ استاد پوري قوم جا هيرو آهن.محسن نقوي وڌيڪ چيو ته اسان اي پي ايس جي شهيدن جي خاندانن کي سلام پيش ڪريون ٿا ۽ انهن سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا.هن چيو ته اڄ پوري قوم شهيدن جي لازوال قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪري رهي آهي.
نواب ولي محمد ۾ پوليس ڪارروائي، جوابدارگرفتار، چرس هٿ
ميهڙ ۾ پلال کي لڳل باهه مان هڪ شخص جو لاش هٿ
پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ ممڪن ناهي، عدليه ٽرڪ جي بتي پويان لڳائي وئي آهي
اي پي ايس سانحو ملڪي تاريخ جو ڪارو ترين ڏينهن آهي: بلاول
حڪومت ۽ پي ٽي آءِ وچ ۾ ڳالهين جو ڪوبه فائدو نه ٿيندو: شيخ رشيد
اي پي ايس سانحي کي 10 سال گذري ويا، ورسي اڄ ملهائي پئي وڃي
جي ايڇ ڪيو ڪيس، شيرين سميت 9 جوابدارن تي فرد جرم لاڳو
دهشتگردي جو مڪمل خاتمو ئي امن ۽ ترقي جو ضامن آهي : شاهه
پوليو خلاف مهم جو افتتاح،اين ايف سي وڌندو آهي گهٽ نه ٿو ڪري سگهجي
پارليمان جا اجلاس اڄ ٿيندا،اهم بل پيش ڪرڻ جا امڪان،ايجنڊا جاري
حڪومت معيشت کي ڊجيٽلائيز ڪرڻ جي ڪوشش ڪري پئي: شزيٰ فاطمه
ڪرڪ ۾ پوليو ٽيم تي حملو، 2 اهلڪار شهيد، ٻيو زخمي
پرڏيهي آفيس ترجمان ممتاز زهرا فرانس ۾ سفير مقرر
ايراني ڳائڻي حجاب کانسواءِ پرفارم ڪرڻ تي گرفتار
هنڊريڊ انڊيڪس1 لک 16 هزار جي حد ٽپي ويو
اين اي 241 ڌانڌلي ڪيس، اليڪشن ڪميشن جو فيصلو معطل
اهم فيصلن کان باخبررکڻ تي استيعفيٰ ڏني،گلپسي
پي ٽي آءِ ۾ ڪوبه خوف ۽ اختلاف ناهي،شوڪت يوسفزئي
اي پي ايس شهيدن قوم کي دهشتگردي جي لعنت خلاف متحد ڪيو
پنجاب ۽ سنڌ جي ڪچي ۾ آپريشن، 6 يرغمالي بازياب