اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران پي ٽي آءِ جي شاهد خٽڪ ۽ اطلاعات کاتي جي وفاقي وزي عطا تارٽ هٿين پئجي ويا ۽ هڪٻئي کي ڌڪا ڌوڻا ڏيندي ڳچين کان ورتو، ٻنهي ڌرين جي ايما ين ايز وچ ۾ پئي کين پري ڌڪي ويا. قومي اسمبلي جو اجلاس اڍائي ڪلاڪ دير سان شروع ٿيو ته حڪومت معمول جي ڪاروائي معطل ڪري ضمني ايجنڊا تي شامل بل پيش ڪيا. جنهن موجب سپريم ڪورٽ جي ججن جو انگ 34 ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججن جو انگ 12 تائين وڌائڻ بابت ڌار ڌار بل قانون واري وزير، اعظم تارڙ پيش ڪيا. دفاع واري وزير خواجا آصف ٽنهي هٿيار بند فوجن آرمي، نيوي ۽ ايئرفورس جي سربراهن جي عهدي جي مدت ٽن سالن مان وڌائي 5 سال ڪرڻ بابت ڌار ڌار بل پيش ڪيا. ان دوران پي ٽي آءِ اڳواڻ گوهر خان، اپوزيشن ليڊر عمر ايوب ۽ اسد قيصر ڳالهائڻ چاهيو پر کين اسپيڪر اياز صادق اهو چئي موقعو نه ڏنو ته اڳ ۾ بل پيش ٿيڻ ڏيو. ان دوران عمر ايوب سڀني ميمبرن کي اسپيڪر جي ڊائيس ڏانهن اچي احتجاج ڪرڻ لاءِ اشارو ڪيو. اڳ ۾ جيڪي ميمبر پنهنجي سيٽن تي بيهي زور زور سان ڊيسڪ وڄائي چو چور جا نعرا هڻي رهيا هئا اهي ڊائيس وٽ جمع ٿي اڀ ڏاريندڙ نعريبازي شروع ڪئي. ان دوران مسلم ليگ (ن) جي ڪيترائي ايم اين ايز وزيراعظم شهباز شري جي ڪرسي جي چوڌاري حفاظتي حصار ٺاهي بيهي رهيا. ان دوران پي ٽي آءِ جا شاهد خٽڪ، سيخ وقاص اڪرم ۽ ٻيا زور زور سان نعرا هڻندي اڳتي وڌي آيا، جنهن تي شاهد خٽڪ ۽ عطا تارڙ ۾ بحث ۽ تڪرار وڌي ويو ته خٽڪ، تارڙ کي ڌڪا ڏنا ۽ ٻئي هٿين پئجي ويا. ان دوران اسپيڪر سارجنٽ ايٽ آرمز کي گارڊز گهرائڻ جو حڪم ڏنو ۽ اسمبلي جا گارڊ ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ سنڌو ٺاهي هٿ هٿن ۾ ڏئي ڌرين کي ڌار ڪري ڇڏيو. مڇي مارڪيٽ بڻيل اسمبلي۾ ان دوران پيش ڪيل بلن جي شق وار منظوري شروع ڪئي. شور ايترو هو جو قانون واري وزير جو آواز ڪنهن کي سمجهه ۾ نه پئي آيو، ڪيترائي صحافي پريس گيلري مان اٿي ٽي وي تي لائيو هلندڙ ڪاروائي ٻڌڻ لاءِ لائونج ۾ آيا. بلاول ڀٽو زرداري ۽ مولانا فضل الرحمان ايوان ۾ نظر نه آيا. هل هنگامي دوران حڪومت هڪطرفي ڪاروائي ڪندي ايڪسپريس قانون سازي وارا هي بل اڪثريت راءِ سان منظور ڪرائي ورتا. جنهن بعد به اپوزيشن جو گوڙ گهٽ نه ٿيو ته اسپيڪر ايوان جي ڪاروائي اڱاري جي صبح 10 وڳي تائين ملتوي ڪري هليو ويو.
سي سي آءِ جو اجلاس سڏايو وڃي،وڏي وزير جو وفاق کان مطالبو
ڪي پي ۽ پنجاب ۾ انٽرنيٽ ۽ موبائيل سروس بند ڪرڻ جو فيصلو
پي ٽي آءِ جو احتجاج روڪڻ لاءِ درخواست تي آءِ جي،گهرو وزير ۽ ٻيا طلب
پاڻي جي انتظام تي سنڌ جا خدشا بي بنياد ناھن، پاڻي سڀني جو گڏيل حق آھي
پي ٽي آءِ جو 24 نومبر واري احتجاج لاءِ جهادي اسڪواڊ تيار
ڪارڪنن جي گرفتارين تي حڪومت جي بي حسي واضح آهي: سيف
آئيني بئنچ ، مراد علي شاهه جي نااهلي واري درخواست رد
ڊالر 278 رپيا ٿي ويو،ايڪسچينج ۾ هاڪاري رجحان
وي پي اين استعمال ڪندڙن کي پڪڙڻ آسان نه هوندو: سجاد مصطفيٰ
سموري دنيا ۾ مهاڻن جو عالمي ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي
بي آءِ ايس پي جي وظيفي مان ڪٽوتي ڪندڙ 2 ڊوائيس هولڊر گرفتار
گوتم اڏاڻي تي نيويارڪ جي عدالت پاران فرد جرم لاڳو
اڳوڻو ٽيسٽ ڪرڪيٽر محمد نذير جونيئر لاڏاڻو ڪري ويو
سارين جي امدادي اگهه ۾ اضافي جو مطالبو
سنڌيار سکر 21 نومبر 2024ع
سنڌيار ڪراچي 21 نومبر 2024ع
راولپنڊي پوليس عمران خان جي نئين ڪيس ۾ گرفتاري ڄاڻائي ڇڏي
عزه ۾ جنگبندي جو ٺهراءُ چوٿون ڀيرو آمريڪا ويٽو ڪري ڇڏيو
چوپائي مال ۽ ماهيگيرن لاءِ انقلابي منصوبن تي ڪم ڪنداسين: ملڪاڻي
وفاقي حڪومت سان اختلافن جي نبيري لاءِ پي پي پاران ڪميٽي قائم