اڄ پاڪستان جي خوشحالي، ترقي ۽ امن لاءِ دعا ڪرڻ گهرجي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ ميلاد النبي ﷺ جي موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير چيو آهي ته اڄ اسان کي پاڪستان جي خوشحالي، ترقي ۽ امن امان جي بحاليءَ لاءِ دعا ڪرڻ گهرجي.ڪراچي ۾ دعوت اسلامي جي مرڪز فيضان مديني ۾ جشن ميلاد النبي صلي الله عليه وآله وسلم ۾ شرڪت جي موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير جو چوڻ هو ته ميلاد النبي صلي الله عليه وسلم عرس وڏي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو پيو وڃي. حضور صلي الله عليه وسلم جي اچڻ سان هر طرف سچ جو آواز بلند ٿيو.

پهنجو تبصرو موڪليو