لاهور(ويب ڊيسڪ) پي ايس ايل سيزن 7 جي اڄ سترهين ميچ ميزبان لاهور قلندرز ۽ ملتان سلطان ۾ کيڏي وئي. هن سيزن ۾ پهريون ڀيرو لاهور ملتان کي 52 رنز تان شڪست ڏئي سندن فتح جو سلسلو روڪي ڇڏيو. ملتان سلطان ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو آهي. لاهور قلندرز پاران ملتان لاءِ 183 رنز جو ٽارگيٽ ڏنو آهي. ملتان جي ٽيم 19.3 اوورز ۾ ڍير ٿي وئي. ڏاهاڻي واحڊ ناٽ آئوٽ پليئر رهيو. ملتان پاران ٿري ٽاپ بيٽسمين ۾ صهيب مقصود 26 تي 29 رنز ٺاهيون، ٽم ڊيوڊ 12 بالن تي 24 ۽ خوشدل 16بالن تي 22 رنز اسڪور ڪري نمايان رهيا. زمان خان 3 ، شاهين ۽ حارث ٻه ٻه وڪيٽون ورتيون. لاهور پاران فخرالزمان ۽ عبدالله شفيق اننگ شروع ڪئي، پهرين اوور ۾ ملتان بريڪ ٿرو ڪندي عبدالله شفيق کي 5 جي مجموعي اسڪور تي انور علي ايل بي دبليو ڪيو. جنهن بعد فخر ۽ ڪامران غلام اسڪور اڳتي وڌايو ۽ 91 جي مجموعي اسڪور تي ڪامران غلام 6 چوڪا هڻي 38 بالن تي 42 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيو. ٽئين وڪيٽ 118 تي ڪري جڏهن فخرالزمان عمران طاهر جي بال تي شاهنواز ڏاهاڻي هٿان ڪيچ ٿيو، هي ففٽي مڪمل ڪرڻ وارو واحد لاهور جو بيٽر هو جنهن ٻن ڇڪن ۽ 5 چوڪن جي مدد سان 37 بالن تي 60 رنز اسڪور ڪيون.
آخري اوو ۾ محمد حفيظ 43 رنز ٺاهي ڏاهاڻي جي بال تي انور علي هٿن ڪيچ ٿيو. هن 3 ڇڪن ۽ هڪ چوڪي جي مدد سان 29 بالن تي 43 رنز ٺاهيون. فل سالٽ 13 بالن تي 26 رنز ناٽ آ ئوٽ رهيو. لاهور 4 وڪيٽن جي نقصان تي 182 رنز ٺاهي سگهي. ياد رهي ته ملتان 6 ٽيمن مان واحد ٽيم آهي جيڪا 6 ميچ کيڏي هن مهل تائين ناقابل شڪست رهي آهي. پوائنٽ ٽيبل تي سندن 12 پوائنٽ آهن. جڏهن ته لاهور قلندرز 5 مان ٽي کٽيون آهن.