پاڪستان ۾ اڄ کان گوگل والٽ سروس شروع ٿي وئي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان ۾ اڄ اربع کان گوگل والٽ جي سهولت شروع ٿي وئي آهي. گوگل والٽ جا اينڊرائڊ ۽ ايپل صارف گوگل پلي اسٽور تان گوگل والٽ ايپ ڊائون لوڊ ڪري ان سان ڪارڊ اٽيج ڪري اڄ کان استعمال ڪري سگهجي ٿو. گوگل جي پاڪستان ۾ ڪمپني ڊائريڪٽر فرحان قريشي جاري ڪيل بياڻ م ٻڌايو آهي ته گوگل والٽ ذريعي هر قسم جي آن لائن ادائگي ڪري سگهبي. ڪمپني جو چوڻ آهي ته اڄ کان، بينڪ الفلاح، بينڪ آف پنجاب، فيصل بينڪ نور، ايڇ بي ايل، جاز ڪيش، ميزان بينڪ، ۽ يو بي ايل جا ڪارڊ هولڊر پنهنجا ڪارڊ گوگل والٽ ۾ شامل ڪري سگهندا ۽ پنهنجي اينڊرائيڊ فونز يا ويئر او ايس ڊوائيسز سان ادائيگي ڪري سگهندا. بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اضافي طور تي، الائيڊ بينڪ، ايزي پئسا ڊجيٽل بينڪ، جي ايس بينڪ ۽ زندگي جا ڪارڊ هولڊر جلد ئي پنهنجا ڪارڊ گوگل والٽ ۾ شامل ڪري سگهندا. گوگل والٽ مان ادائيگي ڪارڊ واپارين تي آن لائن يا ايپ ۾ ادائيگي لاءِ استعمال ڪري سگهجن ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو