اڊيالا جيل ۾ خان سميت سمورن قيدين جي ملاقات تي پابندي لاڳو

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) اڊيالا جيل ۾ 18 آڪٽوبر تائين سمورن ملاقاتن تي پابندي لڳائي وئي آهي.جيل ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ باني عمران خان جي پارٽي اڳواڻن، وڪيلن ۽ گهرڀاتين سان ملاقات تي پابندي لاڳو ڪئي وئي سيڪيورٽي سببن جي ڪري گڏجاڻين تي پابندي لڳائي وئي ،جيل ذريعن موجب اسلام آباد ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس جي سلسلي ۾ اڊيالا جيل جي سڪيورٽي سخت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.جيل ذريعن جو چوڻ آهي ته پنجاب حڪومت اڊيالا جيل ۾ ملاقاتن تي پابندي جو فيصلو ڪيو آهي، اڊيالا جيل ۾ ملاقاتن تي پابندي عام قيدين تي به لاڳو ٿيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو