اڊيالا جيل ۾ عمران خان جو سيل ٿاڻو قرار، پوليس مقرر

راولپنڊي( ويب ڊيسڪ) اڊيالا جيل ۾ پي ٽي آءِ باني عمران خان جي سيل کي ٿاڻو ڊڪليئر ڪري پوليس مقرر ڪئي وئي آهي. ذريعن موجب، اڊيالا جيل ۾ پي ٽي آءِ باني عمران خان جي سيل سرڪل 4 کي نيون ٽائون ٿاڻو قرار ڏنو ويو آهي، سرڪل 4 کي ٿاڻو قرار ڏيڻ جون هدايتون سي پي او راولپنڊي طرفان جاري ڪيون ويون.عمران خان جي سيل تي سيڪيورٽي لاءِ پوليس اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويو آهي جتي سيڪيورٽي عملو ٽن مختلف شفٽن ۾ ڊيوٽي سرانجام ڏيندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته سي پي او راولپنڊي طرفان سپرنٽنڊنٽ اڊيالا جيل ڏانهن خط اُماڻيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو