اڌ صدي پراڻا ڪيس، زير التويٰ ڪيسن جو انگ وڌي ويو

ڪراچي (شهزادو مستوئي) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سال 2018ع جي ڀيٽ ۾ 2019ع ۾ التوا هيٺ ڪيسن جي انگ ۾ واڌ آئي آهي، هلندڙ سال آگسٽ تائين سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ 75 هزار ڪيس التوا جو شڪار هئا جيڪي سال جي پڄاڻيءَ تي وڌي 82 هزار 906 ٿي ويا آهن. سال 2019ع ۾ 36 هزار 524 ڪيس اڪلايا ويا. نون ايندڙ ڪيسن جو انگ 33  هزار 248 کان وڌيڪ آهي. ان ڏس ۾ اڳوڻي جسٽس خواجه نويد جو چوڻ آهي ته ڪيسن کي جلد اڪلائڻ لاءِ دليلن جو وقت طئي ڪرڻو پوندو. ٻئي پاسي ڪراچي جي نيب عدالتن سڄي سال ۾ صرف 30 ڪيس اڪلايا جن ۾ پلي بارگين جا ڪيس به شامل آهن پر 200 ڪيس اڃا تائين به ٻڌڻي هيٺ آهن. دهشتگردي ٽوڙ  عدالتن ۾ 1868 ڪيس التوا ۾ آهن. سڄي سنڌ جي ماتحت عدالتن ۾ ماڊل ڪورٽس جي قيام کان پوءِ التوا هيٺ پيل ڪيسن ۾ معمولي گهٽتائي آئي آهي. سال 2018ع ۾ ماتحت عدالتن ۾ هڪ لک 5 هزار ڪيس هئا جيڪي سال 2019ع ۾ 94 هزار 280 تائين پهتا آهن. سڄي سال ۾ 13 هزار 737 ڪيسن جو فيصلو ٿيو، ڪراچي جي ڇهن ضلعن ۾ 52 هزار 613 ڪيس التوا جو شڪار آهن جڏهن ته سڄي سال ۾ 5 هزار 740 ڪيس اڪلايا ويا آهن. هوڏانهن اي ٽي سي ۽ نيب ڪورٽس 12 مئي سانحي، بلديه فيڪٽري سانحي، ڊاڪٽر عاصم حسين، شرجيل ميمڻ، ڪراچي جي ميئر سميت ٻين وڏن ڪيسن جا فيصلا نه ڪري سگهيون جڏهن ته سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ باباءِ قوم، مادر ملت ۽ صدر پاڪستان عارف علوي جا ڪيس اڌ صدي کان التوا جو شڪار آهن، جن عدالتن ۾ ڪجهه ڏينهن ۾ ڪيسن جا فيصلا هئڻ گهرجن اتي ڪيترائي سال پراڻا ڪيس فيصلن جي انتظار ۾ آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو